Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

یاربّ   بچا لے  تُو  مجھے   نارِ جَحیم  سے                    اَوْلاد پر بھی بلکہ جہنَّم حرام ہو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۱۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله رحمٰن جون رَحمتون بيحَد ۽ بي حِساب آهن، جيڪڏهن ڪو ٻانهو رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ سچي دل سان توبه ڪري ان جي بارگاھ ۾ جُھڪي پوي ته الله ڪريم ان جي گناهن کي مُعاف ڪري پنهنجو محبوب ٻانهو بڻائيندو آهي ڇوته الله پاڪ توبه ڪرڻ وارن جي تمام خَطائن کي مُعاف ڪندو آهي، توبه ڪرڻ وارن کي پنهنجو قُرب نصيب ڪندو آهي، توبه ڪرڻ وارن کي جنَّت عطا ڪندو آهي، توبه ڪرڻ وارن کي جهنَّم مان آزادي عطا ڪندو آهي۔ اچو! توبه جي فضيلتن تي مشتمل ٻه (2) فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا، جيئن

٭ارشادفرمايائون: جيڪڏهن توهان گناهه ڪندا رهو، ايستائين جو اُهي آسمان تائين پهچي وڃن، ۽ پوءِ توهان الله جي بارگاهه ۾ توبه ڪريو، الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي توبه قبول فرمائي ڇڏيندو. (ابن ماجه كتاب الزهد ۴/۴۹۰حديث : ۴۲۴۸)

٭ارشاد فرمايائون: الله ڪريم پنهنجي ٻانهي جي توبه تي ان کان به وڌيڪ خوش ٿيندو آهي جيئن توهان مان ڪنهن جو اُٺ جهنگ ۾ گم ٿيڻ کان بعد ٻيهر ان کي ملي وڃي۔ (بخا ري ڪتاب الدعوات ۴/۱۹۱حديث ۶۳۰۹)

واقعي توبه اهڙي شيء آهي جو جيڪڏهن ڪو انسان سچي دل سان توبه ڪري ته هو محبوبِ الٰهي بڻجي ويندو آهي ۽ الله ڪريم پنهنجي ٻانهي جي توبه کان خوش ٿيندو آهي ۽ پنهنجي گنهگار ٻانهي جي توبه کي قبول فرمائيندو آهي۔ جيئن ته

بني اسرائيلي نوجوان جي توبه

          بني اسرائيل ۾ هڪ نوجوان هو جنهن 20 سالن تائين الله جي عبادت ڪئي، پوءِ 20 سالن تائين نافرماني ڪئي پوءِ آئينو ڏٺائين ته ڏاڙھي ۾ وار سفيد هئا هو