Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

٭ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص الله ڪريم کان ڊڄي ٿو، هر شيء ان کان ڊڄندي آهي ۽ جيڪو الله ڪريم جي علاوھ ڪنهن ٻئي کان ڊڄندو آهي ته الله ڪريم ان کي هر شيء کان خوف زَدَه ڪندو آهي. (شعب الايمان،باب في الخوف۔۔الخ، ١/٥٤١، حديث: ٩٧٤)

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني حَلقو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي خُفيه تدبير، ان جي بي نيازي، ان جي ناراضي، ان جي گَرِفت (پڪڙ) ۽ ان جي طرفان ڏني ويندڙ عذاب کان ڊڄندي گناهن کان توبه ڪريو ۽ نيڪ عملن ڏانهن راغب ٿي وڃو ۽ توبه تي اِستِقامت ۽ نيڪين جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي صحبت حاصل ڪرڻ بيحد ضروري آهي ڇوته نيڪ ماڻهن جي صُحبت اِختيار ڪرڻ وڏي برڪتن جو سبب آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول چڱي صحبت ماڻڻ جو ذريعو آهي اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ دعوت اسلامي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم فجر کان پوءِ ”مَدَني حلقو“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني حلقي ۾ روزانو ٽن 3 آيتن جي تلاوت ۽ ترجَمو ڪنزالايمان ۽ تفسير خزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، درسِ فيضانِ سُنَّت (4 صفحا)، ۽ آخر ۾ شَجره قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھيو ۽ ٻڌيو ويندو آهي، ان کان پوءِ شجري جا ڪجھ نه ڪجھ ورد ۽ وظيفا ۽ اِشراق وچاشت جا نفل پڙھڻ جي به ترڪيب هوندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شجرو شريف پڙھڻ جون گھڻيون برڪتون آهن ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪيئي بُزرگانِ دين جو ذڪرِ خير موجود آهي جن جو تذڪرو رحمت جو باعث آهي۔ حضرت سيدُنا سُفْيان بن عُيينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا ته نيڪ ماڻهن جي ذِڪر جي وقت رحمت نازل ٿيندي آهي۔ (حِلْيۃُ الْاَوْلِياء، ۷/ ۳۳۵ ،رقم ۱۰۷۵۰) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ بُزرگانِ دين جي نيڪ ذڪر تي مشتمل ان مبارڪ شجري جي برڪت سان ماڻهن جون مُشڪلون حل ٿينديون آهن ۽ بگڙيل ڪم سنورجي ويندا آهن۔ اچو! ترغيب طور هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،