Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

اچو! ٻارن ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ان باري ۾ هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو، جيئن ته

حقيقي مَدَني مُني جو خوفِ خدا

       هڪ چار سالا حقيقي مدني منو سيِّد زادو بازار ۾ زارو قطار روئي رهيو هو، ڪنهن شخص آلِ رسول جي خدمت جي جذبي کان ڀرجي ڪري عرض ڪيو؛ شهزادا! ڇا ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن شيء جي ضرورت هجي ته حڪم فرمايو هاڻي حاضر ڪيان ٿو، هي ٻڌي ڪري مدني مني جي روئڻ جو آواز وڌيڪ بلند ٿي ويو ۽ چيائين؛ چاچا سائين! الله عَزَّوَجَلَّ جي غضب ۽ جھنم جي عذاب جي خوف سان دل ٻڏي رهيو آهي! ان صاحب شفقت سان عرض ڪيو؛ شهزادا! اوهان ته تمام ننڍا آهيو هينئر کان ايترو خوف ڪهڙو؟ اطمينان رکو ٻارن کي عذاب نه ڏنو ويندو، هي ٻڌي ڪري مدني مني جو خوف اڃان وڌيڪ  ٿي ويو ۽ روئندي چيائين؛ چاچا سائين! مون ڏٺو آهي ته وڏين ڪاٺين کي ساڙڻ جي لاءِ ان جي چوڌاري ننڍيون ننڍيون ڪاٺيون رکيون وينديون آهن، باهه ننڍين ڪاٺين کي جلد لڳندي آهي ۽ انهن جي ڪري پوءِ وڏيون ڪاٺيون به سڙڻ لڳنديون آهن! مان ڊڄان ٿو ته ابوجھل ۽ ابولهب جھڙن ڪافرن کي جھنم ۾ ساڙڻ جي لاءِ ننڍين ڪاٺين جي جڳهه تي ڪٿي مون کي نه ساڙيو وڃي! (انيس الواعظين ص ۷۵،بِتَغَير )

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن نصيحت آموز واقعي کي ٻڌي خوفِ خدا کان ڏڪي وڃو ته هو هڪ ننڍو ٻار ٿي به جهنم جي خوف مان لڙڪ وهائي رهيو آهي ۽ اسان ننڍپڻ ته ڇا جواني بلڪ ڪجهه ته پوڙائپ جي ان منزل تي پهچي به گناهن کان پاسو نٿا ڪريون، جنهن کان پوءِ آخري منزل يعني قبر جو خوفناڪ کڏو آهي عذابِ الٰهي جون سزائون ٻڌي به نٿا گھٻرائيون، جيڪڏهن ڪو سُنَّتن جو پيڪر اسلامي ڀاءُ اسان کي سمجھائي ته ان جي ڳالھ کي بلڪل اهميت نٿا ڏيون، ڪي ته اهڙا بي باڪ هوندا آهن جو وڏي دليري سان ان کي اهو چئي ماٺ ڪرائيندا آهن ته مولانا