Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ  تری سنت کا مدینہ بنے           آقا                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت امير ِاهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان لباس پائڻ جي باري ۾ مَدَني گل ٻڌون ٿا۔

ٽي فرمانِ مصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو: ٭ جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي جو جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسۡمِ اللهِ چوي. (المعجم الاوسط للطبراني ج 2 ص 59 حديث 2504) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله عَزَّ وَجَلَّ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو جو جنّ ان  (شرمگاهه) کي ڏسي نه سگھندا. (مراٰةالمناجيح ج1ص268) ٭ جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ هي پڙهي: اَلْحَمْدُلِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (ابوداؤد ج 4 ص 59 حديث 4023) ٭ جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله عَزَّ وَجَلَّ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) ٭ خَاتَـمُ المُرۡسَلِين، رَحۡمَة لّلعٰلمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 36) ٭ لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي. (ايضاً 41) ٭ منقول آهي: جنهن ويهي ڪري عمامو ٻَڌو، يا بيهي ڪري  پاجامو يا سلوار پاتي ته الله عَزَّ وَجَلَّ ان کي اهڙي



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵