Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

                    گناہوں نے میری کمر توڑ ڈالی                       مِرا حشْر میں ہو گا کیا یا اِلٰہی

تیرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                میں تھر تھر رہوں کانپتا یا اِلٰہی

گناہوں کے امراض سے نِیم جاں ہوں       پئے مُرشِدی دے شِفا یا اِلٰہی

                                                                                                                                                (وسائلِ بخشش مُرمّم،105)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جون دليون هر وقت خوفِ خدا سان معمور هونديون آهن، انهن جو اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ مطلب ته زندگي جا ڏينهن رات فڪرِ آخرت ۾ گذرندا آهن ڇوته انهن جي ويجھو دنيا جي زندگي آخرت جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿي رکي۔ انهن جون دليون مَحَبَتِ الٰهي سان اهڙيون معمور هونديون آهن جو اهي صرف رَبِّ ڪريم جي رضا چاهيندا آهن ۽ انهن جي دلين ۾ الله پاڪ جو اهڙو خوف هوندو آهي،جو قيامت جو هولناڪ منظر هر وقت پيش نظر رهندو آهي.

 پر افسوس! اڄ گناهن جي نحوست جي سبب شايد خوفِ خدا اسان جي دلين کان رخصت ٿي چڪو آهي، ڄڻ اسان اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان نه سڌريا آهيون نه سڌرنداسين نه سڌرڻ جو قسم کنيو آهي۔ اسان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ عذاب تي مشتمل ڪيتريون ئي آيتون ٻڌايون وڃن، گناهن جي وعيدن تي ڪيتريون ئي حديثون بيان ڪيون وڃن،گناهگارن جي عبرت ناڪ انجام جون حڪايتون ٻڌايون وڃن پر اسان عبرت حاصل نه ٿا ڪريون، هيڏانهن هوڏانهن نهاري لاپرواهي سان ٻڌون ٿا شايد ان جو سبب هي ٿي سگھي ٿو ته گناھن جي سبب اسان جي دل ايتري قدر ڪٽجي چڪي آهي جو اسان تي نصيحت (Advice) جي ڪا ڳالھ اثر نٿي ڪري۔ ياد رکو! جيڪڏهن اسان بي خوف ٿي پنهنجي زندگي ائين ئي گناهن ۾ گذاريندا رهياسين ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو بروزِ قيامت اسان جو حشر به اهڙن مجرمن سان ٿئي جن پنهنجي زندگي ربِّ ڪريم