Book Name:Gunahon Ke Nahusaten
وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ(۴۶)
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو پنهنجي رب جي حضور بيهڻ کان ڊِڄي ان جي لاءِ ٻه جنّتون آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو:27، سورتُ الرحمٰن جي آيت: 46 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: هي آيتِ ڪريمه مسلمانن جي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان ۾ نازل ٿي،[1] بهرحال روايت آهي ته: هڪ ڏينهن حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ آخرت جي معاملن ۾ غور و فڪر ڪري رهيا هئا، خيالن ۾ قيامت جو منظر سندن سامهون اچي رهيو هو ته ڪيئن آسمانن کي ويڙهيو ويندو، ڪيئن جبل ڪپھ جي ذرڙن وانگر هوا ۾ اڏامندا، تارا ٽٽي پوندا، اهڙي هولناڪ انداز سان قيامت قائم ٿيندي، پوءِ محشر جو ميدان، عملن جو ميزان ۽ پوءِ جنت ۽ دوزخ جو معاملو...!! قيامت جي اهڙن هولناڪ منظرن تي غور ڪري حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ تي خوفِ خدا جو غلبو ٿي ويو ۽ پاڻ تڙپي چيائون: ڪاش! مان سائو گاهه هجان ها، مون کي ڪو جانور کائي وڃي ها...!! ڪاش! مون کي پيدا نه ڪيو وڃي ها...!!
حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ اهڙي طرح غور و فڪر ڪري رهيا هئا ته انهن تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي،[2] الله پاڪ فرمايو:
وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ(۴۶)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو پنهنجي رب جي حضور بيهڻ کان ڊِڄي ان جي