Gunahon Ke Nahusaten

Book Name:Gunahon Ke Nahusaten

هڪ قاصائي جي توبھ

   شيخ ابو بڪر بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ قاصائي (گوشت وڪرو ڪندڙ) پنهنجي پاڙيسري جي خادمه تي عاشق هو. هڪ ڏينهن اها خادمه ڪنهن ڪم سان ٻئي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهي هئي، قاصائي موقعو ڏسي ۽ ان جي پويان هلڻ لڳو. جڏهن قاصائي ان کي پڪڙيو ته ڪنيز چيو: اي نوجوان! منهنجي دل به تنهنجي طرف مائل آهي پر مان پنهنجي ربِ ڪريم کان ڊڄان ٿي. جڏهن قاصائي اهو ٻڌو ته چيائين: جڏهن تون الله پاڪ کان ڊڄين ٿي ته ڇا مان ان ذاتِ پاڪ کان نه ڊڄان؟ اهو چئي هن توبھ ڪري ورتي ۽ اتان واپس موٽي پيو. رستي ۾ شديد اُڃ وِگهي ساھ نڙيءَ ۾ اچي ويو. اتفاقاً ان جي ملاقات هڪ شخص سان ٿي وئي جيڪو ڪنهن نبي عَلَيْهِ السَّلام جو قاصد (يعني پيغام کڻي وڃڻ وارو) هو. ان قاصد پڇيو: اي جوان! ڇا حال آهي؟ قاصائي چيو: اُڃ سبب بي حال آهيان. قاصد چيو: اچو! ٻئي ملي الله پاڪ کان دعا ڪريون. قاصائي چيو: مون ته ڪا قابلِ ذڪر عبادت به نه ڪئي آهي، مان ڪيئن دعا ڪريان؟ تون دعا ڪر مان آمين چوندس. ان شخص دعا ڪئي، ان دعا جو اثر هڪدم ظاهر ٿيو ۽ ڪڪر جو هڪ ٽڪڙو سندن مٿن تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ اچي ويو. جڏهن اهي ٻئي رستو طئي ڪندي هڪ ٻئي کان جدا ٿيا ته اهو ڪڪر قاصائي جي مٿي تي اچي ويو ۽ قاصد اُس ۾ رهجي ويو. قاصد حيرت مان پڇيو: اي جوان! تو ته چيو هو ته تو وٽ ڪا قابلِ ذڪر نيڪي ناهي، پوءِ هي ڪڪر تنهنجي مٿي تي ڪيئن ڇانوَ ڪري رهيو آهي؟ هاڻ قاصائيءَ پنهنجو ۽ خادمه وارو واقعو ٻڌايو، اهو ٻڌي قاصد چيو: تو سچ چيو، الله پاڪ جي حضور ۾ جيڪو مرتبو توبھ ڪندڙ جو آهي اهو ڪنهن ٻئي جو ناهي.[1]


 

 



[1]... کتاب التوابین، ذکر التوبین من احاد الامم الماضیۃ، توبۃ القصاب، صفحہ:76۔