Book Name:Gunahon Ke Nahusaten
توبھ ڪري وٺجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفی صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّاذَنْبَ لَہٗ گناهه کان توبھ ڪرڻ وارو اهڙو آهي ڄڻ ان گناهه ڪيو ئي ناهي.[1]
خيال رهي! اسان وٽ توبھ کي تمام هلڪو ورتو ويندو آهي * ڪجھ ماڻهو چهري تي هلڪي چماٽ هڻي چوندا آهن: توبھ، توبھ * ڪجھ نڪ ۽ ڪنن کي هٿ لائيندا آهن * ڪجهه ماڻهو پنهنجي زبان ڏندن هيٺ دٻائي 2 چار دفعا توبھ توبھ چئي ڇڏيندا آهن، هي توبھ ناهي، سچي توبھ جا 3 رڪن آهن: (1): گناهه تي ان ڪري شرمنده ٿيڻ جو اهو الله پاڪ جي نافرماني آهي مثلاً ڪنهن وياجي ڪاروبار ڪيو، هاڻ وياجي لين دين تي شرمندگي جون ڪيئي وجوهات ٿي سگهن ٿيون: * ڪنهن کي وياجي لين دين ۾ نقصان پهچي ويو، ان ڪري شرمنده ٿي رهيو آهي * سودي لين دين جي ڪري گهر وارا يا دوست احباب ناراض آهن، ان ڪري شرمندگي ٿي رهي آهي، اهڙي شرمندگي توبھ لاءِ ڪافي ناهي بلڪه توبھ لاءِ ضروري آهي ته وياج کي الله پاڪ جي نافرماني سمجهي، الله پاڪ جي عذاب کان ڊڄندي شرمنده ٿي. (2): ٻيو رڪن هي آهي ته ٻانهو ان گناهه کي فوراً ڇڏي ڏئي، ائين نه ٿئي جو گناهه به ڪري رهيو آهي ۽ توبھ به ڪندو رهي، هي توبه ناهي بلڪه معاذ الله! مذاق آهي. (3): سچي توبھ جو ٽيون رڪن هي ته آئنده اهو گناهه نه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري وٺي. اهي ٽيئي رڪن پورا ٿيندا ته ان کي سچي توبھ چيو ويندو.[2]
میں کر کے توبہ پلٹ کر گُناہ کرتا ہوں
حقیقی توبہ کا کر دے شرف عطا یارَبّ!([3])