Book Name:Gunahon Ke Nahusaten
ننڍو آهي (يعني ان جي هن خوف ۽ ڊپ سبب اهو گناهه بخشيو ويندو آهي) ۽ جيڪڏهن ٻانهو گناهه ڪري، پوءِ ان کي معمولي سمجهي وٺي ته اهو گناهه تمام وڏو آهي ڇو ته ان تي نه هن کي شرمندگي ٿيندي، نه هو ان کي ڇڏيندو، نه ان جي معافي جو سامان ٿي سگهندو.[1]
حضرت عوام بن حوشب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: گناهه ٿي وڃڻ کان پوءِ جون 4 برايون اهڙيون آهن جيڪي گناهه کان به وڌيڪ بريون آهن: (1): اِسۡتِصۡغار (يعني گناهه کي معمولي سمجهڻ) (2): اِغۡتِرار (غافل ٿيڻ) (3): اِسۡتِبۡشار (يعني خوش رهڻ، الله پاڪ جي حضور حاضري کان خوف نه کائڻ) (4): اصرار (يعني گناهه تي قائم رهڻ، توبھ نه ڪرڻ).[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! گناهه ٿي وڃڻ انسان جي فطرت آهي يعني اسان جهڙن عام انسانن کان گناهه ٿي ئي ويندا آهن پر اسان کي انهن 4 برائين کان ته بچڻ گهرجي * گناهه ٿي وڃي ته ان کي معمولي نه سمجهون، اهو نه چئون ته ڪجهه ناهي ٿيو، ننڍي غلطي ته ٿي آهي، الله پاڪ رحمان آهي، بخشي ڇڏيندو. هي تمام وڏي ناداني آهي. ٿيو آهي، تمام گهڻو ڪجهه ٿيو آهي، الله پاڪ جيڪو جبار و قهار آهي، ان جي نافرماني ٿي آهي، ڇا هي معمولي ڳالهه آهي...؟ نه، هرگز نه. هي معمولي ڳالهه ناهي، تمام وڏي ڳالهه آهي * گناهه تي مغرور نه ٿيون * گناهه ٿي ويو آهي ته هاڻي خوش نه ٿيون، ڊڄو، افسوس! مون کان گناهه ٿي ويو، هاءِ! هاءِ! مان رب جي حضور ڪهڙي منهن سان ويندس، ڇا جواب ڏيندس، هي سوچي ڊڄي وڃون، قبر ۽ حشر جو تصور ٻڌي پريشان ٿي وڃون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هي شرمندگي ڪم ايندي ۽ * چوٿين