Book Name:Gunahon Ke Nahusaten
حاضري ياد اچي وڃي، ربِ رحمان جي حضور بيهڻ ياد اچي وڃي ۽ اسان ڊڄي، ربِ رحمان کان شرمائي گناهه ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. گهٽ ۾ گهٽ ايترو به خوفِ خدا نصيب ٿي وڃي ته اسان جي زندگي سڌري سگهي ٿي. اهو ئي خوف آهي جنهن تي ٻن جنتن جو واعدو فرمايو ويو آهي.
70 هزار ڪمرن وارو جنتي گهر
حضرت ڪعبُ الْاَحْبَار رَضِيَ اللهُ عَنهُ کان روايت آهي: جنت ۾ زمرد ۽ موتين مان ٺهيل هڪ عظيم الشان محل آهي، ان ۾ 70 هزار گهر آهن، هر گهر ۾ 70 هزار ڪمرا آهن، ان عظيم الشان محل ۾ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام هوندا، صديق هوندا، شهيد هوندا، انصاف ڪرڻ وارا بادشاهه هوندا ۽ اهو شخص هوندو جيڪو مُحَڪَّم هجي. عرض ڪيو ويو: مُحَڪَّم ڪير آهي؟ فرمايو: اهو شخص جنهن کي حرام ڪم جي دعوت ڏني وڃي پر هو خوفِ خدا سبب ان حرام ڪم کان رڪجي وڃي.[1]
ڪِتَابُ التَّوَّابين ۾ لکيل آهي: بني اسرائيل جو هڪ شخص هو، ان کان گناهه ٿي ويو. جڏهن هو ناداني ۾ گناهه ڪري ويٺو ته کيس تمام گهڻي شرمندگي ٿي (رب جي حضور حاضر ٿيڻ ياد اچي ويو، هاڻي ڇا هو) هو بيقرار ٿي هيڏانهن کان هوڏانهن ڀڄڻ لڳو، الله پاڪ جي رحمت کي ان جي اها بيقراري پسند اچي وئي. تنهنڪري ربَّ رحمان ان جي شرمندگي قبول فرمائي ۽ ان کي ولايت جي اعليٰ ترين درجي صديقيت سان نوازي ڇڏيو.[2]