Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

مهيني ۾ به پنهنجي مغفرت ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، اهو سخت محروم آهي. حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ته مون رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: هي رمضان توهان وٽ اچي ويو آهي. هن ۾ جنّت جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جهنّم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن ۽ شيطانن کي قيد ڪيو ويندو آهي. محروم آهي اهو شخص جنهن رمضان کي لڌو ۽ ان جي مغفرت نه ٿي ته جنهن جي هن رمضان ۾ مغفرت نه ٿي پوءِ ڪڏهن ٿيندي![1]

مَہِ رَمضاں ،مَہِ غُفراں ،مَہِ سُبحاں ،مہِ رَحماں

کُھلیں  گے  بابِ  جنّت، ماہِ  رمضان  آنے والا ہے[2]

  ڪاش! هن سال جڏهن ماھِ رمضان جي مبارڪ گهڙين ۾، ڏينهن جو ۽ رات جي وقت، سحري ۽ افطاري جي وقت مغفرت جا پروانا ورهائجي رهيا هجن، ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! الله پاڪ جي بي پناھ رحمتن جو هڪ ڇنڊو اسان گنھگارن تي به پئجي وڃي ۽ اسان مغفرت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

   عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ماھِ رمضانُ المبارڪ ۾ مغفرت جا اسباب جمع ٿي ويندا آهن. رمضان جو روزو رکڻ مغفرت جو سامان آهي. رمضان جي مهيني ۾ قيام ڪرڻ (يعني رات جاڳي ڪري عبادت ڪرڻ) به مغفرت جو ذريعو آهي. رمضان جي مهيني جي شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ به مغفرت ماڻڻ جو ذريعو آهي. ائين ئي روزيدار کي روزو کولائڻ. خادم (يا ملازم) تي آساني ڪرڻ به مغفرت ماڻڻ جو ذريعو آهي. رمضانُ المبارڪ ۾ ذڪرالله جي ڪثرت ڪئي وڃي جو حديثِ پاڪ ۾ آهي: رمضان جي مهيني ۾ ذڪرُ الله ڪرڻ وارو بخشيل آهي.[3] اهڙيءَ طرح رمضانُ المبارڪ ۾ ڪثرت سان استغفار ڪرڻ سان به بخشش جي خيرات


 

 



[1] معجمِ اَوْسَط ،جلد:5 ،صفحہ:366 ،حدیث:7627۔

[2] وسائلِ فِردَوس ،صفحہ:24۔

[3] معجمِ اَوسَط، جلد:4 ،صفحہ:338 ،حدیث:6170۔