Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ وقت به ۽ جاڳڻ وقت به بنا سٺي نيّتن جي ڏندڻ جا طبي فائده (Physical Benefits) حاصل ته ٿيندا پر ثواب نه ملندو. مثال طور وُضو جي لاءِ ڏندڻ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيّتون ڪري وٺو: رضاءِ الهي، سنّت جي ادائگي ۽ ذڪر ۽ درود جي لاءِ پنهنجي وات کي صاف رکڻ جي لاءِ ڏندڻ ڪندس مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص ڏندڻ جو عادي هجي مرڻ وقت ان کي ڪلمو پڙهڻ نصيب ٿيندو. حضرت عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُما کان روايت آهي ته ڏندڻ ۾ 10 خوبيون (Qualities) آهن: وات صاف ڪندو آهي، مهارن (Gums)کي مضبوط بڻائيندو آهي، نظر وڌائيندو، بلغم (PHLEGM) ختم ڪندو آهي، وات جي ڌپ دور ڪندو آهي، سنت جي موافق آهي، ملائڪ خوش ٿيندا آهن، ربّ راضي ٿيندو آهي، نيڪي وڌائيندو ۽ معدو(Stomach) درست ڪندو آهي. ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ هن طرح پڪڙيو جو ننڍي آڱر ان جي هيٺيان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿي ۽ آڱوٺو چوٽيءَ تي هجي. ڏندڻ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه ڇوته هيءُ سنّت ادا ڪرڻ جو آلو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي ڪري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.[1]

       مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةالمدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو،.

  الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                       صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:47-50۔