Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat
اچڻ کان پهريان ئي استقباليه خطبو ڏيندا هئا جنهن ۾ ماھِ رمضان جا فضائل ۽ برڪتون بيان فرمائيندا هئا.[1] پوءِ جڏهن رمضان مهيني جو چنڊ نظر ايندو هو ته چنڊ ڏسڻ جي خاص دعا پڙهندا.[2] ۽ آمدِ رمضان جون خوشخبريون ڏيندا هئا.[3]
ماہِ رمضاں جہاں میں پھر آیا مغفرت کا پیام ہے لایا
رحمتِ حق کا ہو گیا سایہ لحظہ لحظہ نزولِ رحمت ہے[4]
پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به گهرجي ته اسان الله پاڪ جي هن مهمان مهيني يعني رمضانُ المبارڪ مهيني جو ڀَرپور نموني سان استقبال ڪيون، رمضانُ المبارڪ جي تشريف آوري تي خوشي ملهايون، رمضانُ المبارڪ اچڻ کان پهريان ئي ان جي تياري ڪري وٺون هن مبارڪ مهمان کي سُٺي انداز ۾ ڀليڪار چئون ۽ پوءِ جيئن ئي رمضانُ المبارڪ جو چنڊ نظر اچي، بَس عبادت ۽ رياضت تي سندرو ٻڌي وٺون. رمضان المبارڪ ۾ مدني چينل تي ڏينهن رات ڪيئي ڪلاڪن جي لائيو خصوصي ٽرانسميشن (Live Special Transmission) ٿيندي آهي جن ۾ بعد نماز عصر ۽ بعد نمازِ تراويح 2 مدني مذاڪرا به ٿيندا آهن. انهن ۾ شرڪت ڪيو. فيضان رمضان ڪتاب جو مطالعو فرمايو. ان جو درس ڏيو.
پياريون اسلامي ڀينرون! پنهنجي گهرن ۾ ماھِ رمضان الڪريم جون وڌيڪ برڪتون ماڻڻ جي لاءِ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ کان پهريان بلڪه هميشه جي لاءِ مسجدِ بيت(يعني گهر ۾ عبادت جي لاءِ جڳھ) کي مختص ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ عبادت ڪرڻ شروع ڪيو، پنهنجي محارم سان گڏ ذڪر و درود ۽ نوافل جو اهتمام اڄ کان ئي ڪيو اسلامي ڀينرون آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف