Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

تَمنا ہے فرمائیے رَوزِ مَحْشَر                                                                                     یہ تیری رِہائی کی چٹھی مِلی ہے۔

شَفاعت کرے حَشْر میں جو رضا کی                                                   سِوا تیرے کِس کو یہ قُدْرَت مِلی ہے۔

(حدائقِ بخشش، صفحہ:188)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيت تي آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

 اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا: هڪ نوجوان يمن جو رهاڪو هو، مُشرِڪ هو ۽ گھڻو غريب به هو۔ ان جي زندگي جو ساز ۽ سامان صِرف بَدن کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا هئا، ڏينهن جو وڻن جي ڇانو ۾ پناھ وٺندو هو ۽ رات ٿيندي هئي ته ڪنهن پٿر جي اوٽ ۾ وڃي رات گذاريندو هو۔ ان نوجوان تائين خبر پهتي ته عرب ۾ الله جي آخري نبي، رسول هاشمي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ