Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

مَعِی فِی الْجنَّة جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ ((مشکوٰۃ،ایمان کی کتاب، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175))

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”تواضع“ سُنَّت آهي

ٻه ۲ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي۔ (جامع صغیر، صفہ: 522، حدیث: 8605) (2): افضل عبادت تواضُع (يعني عاجزي) آهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمَان، فصل:فی التواضع، جلد:6، صفحہ:278، حدیث:8148)

اي عاشقانِ رسول! تواضُع سُنّت مصطفيٰ آهي۔ * اسان جا آقا و موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڏي بلند رُتبي وارا آهن، الله پاڪ کان پوءِ سڀ کان اُوچو رُتبو سندن ئي جو آهي، ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو تواضُع وارو شان به سڄي عالَم کان نرالو هو، الله پاڪ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اختيار ڏنو ته چاهين ته بادشاهن واري زِندگي گذارين ۽ چاهين ته بندگي واري، فقر واري زِندگي گذارين، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بندگي ۽ فقر کي اختيار فرمايو۔ * خادمن سان گڏ ويهي کاڌو کائي وٺندا هئا، * غلامن جي دعوت قبول ڪندا هئا، * مسڪينن جي بيمار پرسي ڪندا هئا، *فقيرن سان گڏ ويهندا هئا، * صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان مِلي جُلي رهندا هئا، * پنهنجا ڪم پاڻ پنهنجي هٿ مبارڪ سان ڪندا هئا، * صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان اڳتي وڌي خِدمت ڪرڻ چاهيندا هئا ته فرمائيندا هئا: اهو سچ آهي ته توهان منهنجا سڀئي ڪم ڪندؤ پر مون کي اهو پسند ناهي ته مان توهان جي وچ ۾ ڪنهن امتيازي شان سان رهان۔ (سیرت مصطفٰی، صفحہ:606-609)