Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

حِرص ۽ لالچ جو عِلاج

پيارا اسلامي ڀائرو! راھ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ ۾ بنيادي طور تي جيڪا شيء رُڪاوٽ ٿيندي آهي، اها آهي: حِرص، لالچ۔ هن رُڪاوٽ جو علاج به يمني صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي رِقَّت انگيز، ايمان افروز حڪايت ۾ بيان ٿيو، غور ڪريو! جڏهن اَهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪمري ۾ داخِل ٿيندو هو، اُتي خوبصُورت قالين، بهترين بستر ۽ چراغ وغيره ڏسندو هو ته ان کي قرآنِ ڪريم جي هڪ سُورت ياد ايندي هئي، اهو ان ۾ غور ڪندو هو ته دِل مان انهن شين جي رغبت ختم ٿي ويندي هئي، اها قرآني سُورت ان بارگاھ رسالت ۾ ٻُڌائي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اَلْهٰىكُمُ التَّكَاثُرُۙ(۱) حَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَؕ(۲)     (پاره30،سورةاالتڪاثر:1-2)

ترجمو ڪنز الايمان: توهان کي غافل ڪيو زياده مال طلبي. ايتري تائين جو توهان قبرن جو منهن ڏٺو

 قرآنِ ڪريم جي هن مختصر سُورت ۾ ڪيتري زبردست انداز ۾ حِرص ۽ لالچ جي ڪاٽ ڪئي وئي آهي، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اسان هن دنيا ۾ مختصر وقت جي لاءِ آيا آهيون، هڪ ڏينهن هتان کان موڪلائي  قبر ۾ لهڻو آهي، اسان کي اها خبر آهي پر مال جي زياده طلبي، حرص ۽ لالچ اسان کي غافِل ڪري ڇڏيو آهي، لک ملي ته 2 لک گھرون ٿا، 2 لک ملن ته 4 لکن جي خواهش آهي، ڪروڙ پتي بڻياسين ته ارب پتي بڻجڻ جي هوس آهي، بس انهيء هڪ ڌُن ۾ مگن، نه مرڻ ياد، نه قبر ۾ لهڻ ياد، نه نڪيرين جي سوالن جو فڪر، نه قبر جو ڌٻائڻ ياد، نه قبر جي تنگي، اتي جي اونداهي، اتي جي تنهائي ياد، نه قيامت جي ڏينهن اُٿڻ ياد، نه هر هر نعمت جو حساب ڏيڻ ياد آهي، ها بَس ياد آهي ته ”ھَلْ مِن مَّزِيد (يعني اڃا وڌيڪ ملي، اڃا ملي)“ جو نعرو ياد آهي، بس هن ۾ مگن زندگي جا ڏينهن رات گذاري رهيا آهيون پر اسان ياد رکون يا وساريون، هڪ ڏينهن