Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

(معجم کبیر، جلد:3، صفحہ:148، حدیث:4276) *صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائيندو آهي۔ (شُعبُ الْاِیْمَان، باب:الزکاۃ، جلد:3، صفحہ:212، حدیث:3347) * مسلمان جو صَدَقو ان جي عمر کي وڌائيندو آهي۔ (معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:440، حدیث:13508) * صَدَقو 70 قِسم جي بلائن کي روڪيندو آهي۔ (تَارِیْخَ بَغْدَاد، حارث بن مرۃ، جلد:8، صفحہ:204، رقم:4326) * فرمانِ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: صَدَقو ڏيڻ  ۾ جلدي ڪيو ڇوته بَلا صَدَقي کان ٽپي ناهي سگهندي۔ مَشْکَاۃُ المَصَابیح، کتاب:الزکاۃ، جزء:1، جلد:1، صفحہ:359، حدیث:1887

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي شعبن جو تعارف

اي عاشقان رسول! زڪوٰة ادا ڪرڻي هجي، فطرو ڏيڻو هجي، نفلي صدقو ۽ خيرات ڪرڻي هجي ته پنهنجي پياري ۽ پسنديده تحريڪ دعوتِ اسلامي کي نه وساريو، بيشڪ اوهان پنهنجي رشتيدارن، گلي محلي ۾ موجود غريبن، يتيمن کي به لازمي ڏيو، ان سان گڏوگڏ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي دِيني ڪمن جي لاءِ به ضرور بالضرور حِصو ڪڍو۔ الحمدلله! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ، تعليمِ قرآن عام ڪرڻ ۽ سُنتن کي عام ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عمل 79 شعبن (Departments) ۾ دِين جو ڪم ڪري رهي آهي، جن جي ذيلي شعبن جو تعداد تقريباً 313 کان وڌيڪ آهي * ملڪ ۽ ٻاهرين مُلڪ ۾ 4 هزار 339 مدارِسُ المدينه قائِم آهن، جن ۾ ڪم و بيش 2 لک 464 ٻار ۽ ٻارڙيون قرآنِ مجيد حِفظ و ناظره جي تعليم حاصِل ڪري رهيون آهن ۽ اهي ٻار ۽ ٻارڙيون (Boys & Girls) جيڪي مدرسة المدينه مان حِفْظ يا ناظِره قرآن پاڪ سکي فارِغ ٿي چڪيون آهن انهن جو مجموعي تعداد تقريباً :3 لک، 86 هزار 354 تائين پهچي چڪي آهي * اهڙي طرح ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾ 897 جامعاتُ المدينه قائِم آهن، جن ۾ تقريباً 64 هزار 963 شاگرد ۽ شاگردياڻيون (Boys & Girls) دَرسِ نظامي يعني عالِم/عالمه ڪورس ڪرڻ جي سعادت حاصِل ڪري رهيون آهن ۽ اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون (Boys & Girls) جيڪي دَرْسِ نظامي