Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي مخاطب ڪري فرمايائون: ھَنِیْئًا لَکَ الْجَنَّۃَ اي نوجوان! تو کي جنت مبارڪ هجي۔ (بستان الواعظین، مجلس فی ذکر القبور، صفحہ:150خلاصۃً)

یوں میرا دُنیا سے سَفَر ہو                                    اُن کی چوکھٹ، میرا سَر ہو

پیشِ نظر ہو اُن کا جلوہ                                           یا اللہ! مری جھولی بھر دے

تاج وتخت وحکومت مت دے                        کَثْرتِ مال ودولت مت دے

اپنی رضا کا دیدے مژدہ                                      یااللہ! مری جھولی بھر دے!

 

 (وسائِلِ بخشش، صفحہ:123)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

خود پسندي تباهه ۽ برباد ڪندي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن رقت انگيز حڪايت کي سامهون رکي اسان غور ڪريون ته سڀ کان پهرين ڳالھ جيڪا هن حڪايت مان سکڻ لاءِ ملي، اها ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه جا پيارا ۽ خوبصُورت اِحساسَ آهن۔ جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ان وقت ان جا احساس ۽ تصورات ڪيترا خوبصورت هئا، جڏهن ان قالين ڏٺي ته ياد آيو ته مان ته خالي زمين تي سمهندو هئس، خوبصورت بستر ڏٺائين، ته ياد آيو ته مان ته پٿرن تي رات گذاريندو هئس، چراغ ڏٺائين ته ياد آيو ته مون ته بنا چراغ جي زِندگي گذاري آهي۔ ان جا اهي اِحسَاس ڪيترا خوبصُورت هئا، جنهن خوش نصيب کي اهو اِحسَاس ملي ويندو آهي، ان جا ته ڀاڳ کُلي ويندا آهن۔ اهو احساس ته جيڪا نعمت مون کي ملي آهي، اها منهنجي ڪمائي جي نه آهي، منهنجي محنتن جو نتيجو نه آهي بلڪه منهنجي رَبّ جي عطا آهي، اَصل ۾ اهو اِحسَاس ئي انسان کي شڪر تي اڀاري ٿو، پوءِ ٻانهو رڳو زباني ڪلامي نه بلڪ دِل سان شڪر ادا ڪري ٿو ۽ جڏهن ٻانهو دِل سان شڪر ادا ڪري ٿو ته ان جي نعمت محفوظ ٿي ويندي آهي، ان کي هميشگي به