Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

کان مغرب، مغرب کان عشاء تائين مسجد ئي ۾ رهيو، پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون، عشاء کان پوءِ گھر واپس موٽيو، جيئن ئي ڪمري ۾ داخِل ٿيو، سامهون اهو ئي قالين، ساڳي طرح بستر لڳل آهي، چراغ روشن آهي، هاڻي وري ماضِي جي ياد آئي، اڄ به ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ويو، 2 رڪعتون نماز ادا ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائين، ايتري شڪر سان دِل نه ڀرجي، 2 رڪعتون وڌيڪ پڙھيون، اهڙي طرح نماز پڙھندو رهيو، شڪر ادا ڪندو رهيو، (شڪر) ڪندي ڪندي اڄ به رات هيئن گذري وئي، اڳئين صبح وري مسجد ۾ حاضِر ٿيو، پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون، رات جو گھر اچي وري اها ئي ساڳي ڪيفيت...!! ٽي راتيون اهڙي طرح شڪر ادا ڪندي ئي گذري ويون۔ چوٿين ڏينهن ڇوڪريء جو والد پنهنجي نياڻي سان ملڻ آيو، نياڻيء جو حال پڇيائين ته نياڻي ٻڌايو ته منهنجو مڙس رات جو ايندو آهي، ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي نماز پڙھندي ۽ الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي ئي سڄي رات گذاري ڇڏيندو آهي۔ والد صاحب اها ڳالھ ٻُڌي بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيو ۽ سڄي ڳالھ عرض ڪيائين، پياري آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ يمني صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي گھرائي پڇا ڪئي: توکي ڪهڙي شيء تنهنجي گھرواريء کان پري رکيو آهي؟ عرض ڪيائين: يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان مشرڪ هئس، يمن ۾ رهندو هئس، منهنجو پنهنجو ڪو ٺڪاڻو نه هو، پٿرن تي رات گذرندي هئي، ڏينهن ۾ وڻن جي ڇانو ۾ پناھ وٺندو هئس، پوءِ الله پاڪ ڪرم ڪيو، مون کي اسلام جي دولت نصيب فرمائي، مون کي قرآنِ ڪريم جون 4 سُورتون سکڻ جي سعادت نصيب ٿي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي برڪت سان منهنجو سينو روشن ڪري ڇڏيو، جڏهن مان پنهنجي گھرواريء جي ڪمري ۾ ويندو آهيان ته اتي وڇايل خوب صُورت قالين، بهترين بستر ۽ چراغ وغيره ڏسي مون کي پنهنجو ماضِي ياد اچي ويندو آهي، پوءِ مان قرآنِ ڪريم جي اُنهن 4 سُورتن مان هڪ کي پڙھندو آهيان ۽ ان ۾ غور ڪندو آهيان ته مون کي ڪنهن شيء ۾ رغبت ناهي ٿيندي ۽ الله پاڪ جو شڪر ڪرڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو آهيان۔