Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

نبوت جو اعلان ڪيو آهي، ان جي دل ۾ شوق پيدا ٿيو، نوجوان هو، جسم ۾ طاقت به هئي، ان ڪري پيدل ئي سفر ڪندي مدينه منوره پهچي ويو، پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ باسعادت ۾ حاضِر ٿي، ڪلمو پڙهي صَحَابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي صَف ۾ شامِل ٿي ويو۔ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي اهل صُفَّه ۾ شامل ڪري ورتو۔

مسجدِ نَبوِي شريف ۾ هڪ چبوترو هو، جنهن کي صُفَّه چيو ويندو هو، پري پري کان هجرت ڪري اچڻ وارا غريب صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ان چبوتري ۾ رهندا هئا ۽ ڏينهن رات پياري آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽان عِلمِ دين سکندا ۽ ذِڪر وفِڪر ۾ مشغول رهندا هئا۔ اهو يمني صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه به صُفَّه وارن سان گڏ ملي ويو، حُضور جانِ رحمت، شمع بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضِر رهي عِلم دين سکندو هو۔ ڪجھ ئي عرصي ۾ ان قرآن ڪريم جون مڪمل 4 سُورتون سکي ورتيون۔ هڪ ڏينهن ان دربار ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجو نڪاح ڪرايو! رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا توهان وٽ مال آهي؟ عرض ڪيائين: يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي قرآن ڪريم جون 4 سورتون ياد آهن، ۽ توهان جو ئي ارشاد آهي: قرآن ملي وڃي ته ڪو فاقو ناهي رهندو. حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوش ٿي فرمايو: تو سچ چيو۔

پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي قبيله بَنُو سلمه جي هڪ گھر ڏانهن نڪاح جو پيغام ڏئي موڪليو، هو اتي پهتو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻڌايل طريقي مطابق ڇوڪريءَ جي والِد تائين پيغام پهچايو، اهو (يعني ڇوڪريءَ جو والِد) به صَحَابي هو، لهٰذا پيغامِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻُڌي يڪدم چيائين: سَمْعًا وَّ طَاعَةً مون ٻڌو ۽ اطاعت ڪئي۔

سُبْحٰنَ الله! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان  جو اطاعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو انداز ڏسو! ڇوڪرو ڪٿان جو آهي؟ ان جا گھر وارا ڪير آهن؟ ڇا ڪندو آهي؟