Book Name:Yamni Sahabi Ki Riqqat Angaiz Hikayat

ڪمائي ڪيترو ٿو؟ ڇا کائي ٿو؟ گھر آهي يا نه؟ وغيره وغيره ڪا جانچ پڙتال نه ڪئي، بَس اسان جي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو آهي ته سَمْعًا وَّ طَاعَةً اسان ٻڌو ۽ مڃي ورتو۔ سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به اطاعت ۽ فرمانبرداري جو اهڙو جذبو نصيب فرمائي۔ آمين

خير! اُن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه پيغامِ مصطفيٰ ٻُڌي، پنهنجي نياڻي کي ساڻ ورتو ۽ بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي ان يمني صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه سان پنهنجي نياڻيء جو نِڪاح ڪري ڇڏيو۔

هاڻي نبي اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇوڪريء جي والد کي رخصتي جي تياري جو حڪم ڏنو، حڪم جي يڪدم تعميل ڪئي وئي، رات ٿي، اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪمري ۾ آيو، ڏٺائين: خوبصُورت قالين وڇايل آهي، بهترين بستر لڳل آهي، چراغ روشن آهي، اهو ڏسي ان کي ماضِي جي ياد آئي، قالين ڏٺائين ته خيال آيو: هڪ وقت هو جڏهن مان زمين تي وڻن جي ڇانوء ۾ زندگي گذاريندو هئس، خوبصُورت بستر ڏسي پٿرن تي رات گذارڻ ياد آيو، چراغ ڏٺائين ته ياد آيو: مون ته بنا چراغ جي ئي زِندگي گذاري آهي، ڪجھ دير جي لاءِ ائين ئي بيهي پنهنجو حال ۽ ماضِي سوچندو رهيو، پوءِ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي، الله اَڪبَر چئي نماز شروع ڪئي، 2 رڪعتون ادا ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائين پر اڃا دِل نه ڀرجي، ٻيهر بيهي وري 2 رڪعتون نماز ادا ڪيائين، الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائين، اڃا به دِل نه ڀرجي، 2 رڪعتون وڌيڪ ادا ڪيائين، پوءِ الله پاڪ جي حمد و ثنا ڪيائين، شڪر ادا ڪيائين، پوءِ دِل ڀرجي آئي وري بيهي رهيو، 2 رڪعتون نماز پڙھي، الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيائين، اهڙي طرح 2، 2 رڪعتون پڙھندو رهيو، الله پاڪ جو شڪر ڪندو رهيو، ايستائين جو سڄي رات گذري وئي، صبح ٿي، نمازِ فجر جي لاءِ مسجد ۾ حاضِر ٿيو، پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي امامت ۾ باجماعت نمازِ فجر ادا ڪيائين، روز مسجد ئي ۾ رهندو هو، اڄ به فجر پڙھي مسجد ئي ۾ ويهي رهيو، عِلْمِ دين سکندو رهيو، فجر کان ظهر، ظهر کان عصر، عصر