Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

اچو ٻڌون ٿا: ربيع چوندا آهن بهار جي موسم کي يعني سيء ۽ گرمي جي وچ واري جيڪا موسم هوندي آهي ان کي ربيع چوندا آهن۔ اهلِ عرب موسمِ بهار جي ابتدائي زماني کي ”ربيعُ الاوّل“ چون ٿا، هن موسم ۾ کُنڀي (برسات ۾ نرم ڪاٺي جي پسڻ سان ڇٽي جيان هڪ گاھ ڦُٽي پوندو آهي ۽ هن کي کنڀي چيو ويندو آهي۔) ۽ گل پيدا ٿيندا آهن ۽ جنهن وقت گلن جي پيداوار ٿيندي آهي انهن ڏينهن کي ربيعُ الآخر چوندا هئا۔ جڏهن مهينن جا نالا رکيا ويا ته صفر کان پوءِ ٻن مهينن کي انهيء ٻن موسمن جي نالي تي ربيعُ الاوّل ۽ ربيعُ الآخر جو نالو ڏنو ويو۔ (لسان العرب،۱/۱۴۳۵ ملخصاً)

ربيع الاول جو شان اهو آهي ته انهيء مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سلطان، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي آهي، يقينًا حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهان ۾ شاھِ بحر وبَر بڻجي جلوه گر نه ٿين ها ته ڪا عيد، نه عيد هجي ها، نه ڪا شب، شبِ بَراءَت۔ بلڪ ڪون و مڪان جون سموريون رونقون ۽ شان ان جانِ جهان،محبوبِ رَحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن جي مٽي جو صَدقو آهي۔ هن مبارڪ مهيني جي ٻارهين تاريخ نهايت ئي سعادتن ۽ عظمتن واري آهي، ڇوته اسان جي پياري نبي، مڪي، مدني، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادتِ باسعادت سومر جي ڏينهن 12 ربيعُ الاوّل جو ٿي۔ (لطائف المعارف، ص۱۰۴۔مواهب اللدنية ، المقصدالاول، آيات ولادته۔۔۔الخ، ۱/۷۵)

   اهو ئي سبب آهي جو هن ڏينهن عاشقانِ رسول پنهنجي حيثيت آهر   محافلِ ميلاد ملهائيندا آهن ۽ الله ڪريم جي رحمتن مان حصو ماڻيندا آهن۔ اچو! انهيء مناسبت سان هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

ملائڪن جا انوار

حضرتِ سَيدُنا شاھ وَلِي الله محدثِ دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان هڪ ڀيرو ان محفلِ ميلاد ۾ حاضر ٿيس، جيڪا مڪي شريف ۾ رَبِيعُ الاَوَّل جي ٻارهين تاريخ تي مولدُ النبي (يعني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت گاھ) ۾