Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

منعقد ٿي، جنهن وقت ولادت جو ذڪر پڙھيو پئي ويو ته مون ڏٺو ته اوچتو ان مجلس مان ڪجھ انوار بُلند ٿيا، مون انهن انوارن تي غور ڪيو ته معلوم ٿيو ته اهي رحمتِ الٰهي ۽ انهن ملائڪن جا انوار هئا جيڪي اهڙين محفلن ۾ حاضر ٿيندا آهن۔ (سيرتِ مصطفٰي ،ص ۷۲-۷۳)

اے فَرشِیو مبارَک اے عَرشِیو مبارَک                         دونوں جہاں کے سروَر تشریف لا رہے ہیں

(وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۳۰۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته جشنِ عيد ميلادُالنبي جي محفل ۾ ربِّ ڪريم جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي، اَنوارِ الٰهي جي برسات ٿيندي آهي، رحمت جا ملائڪ ميلاد شريف جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندا آهن ۽ ميلاد ملهائڻ وارن کي پنهنجي نوراني پرن سان گھيري وٺندا آهن، ميلاد شريف ملهائڻ وارن سان رب ڪريم خوش ٿيندو آهي ۽ ان تي پنهنجن انعامن ۽ نوازشن جي بارش به ڪندو آهي۔ يقيناً ميلاد شريف ملهائڻ، ميلاد جي مهيني ۾ پنهنجن گھرن، محلي جي گهٽين بلڪ پنهنجي گاڏين کي مدني پرچمن، جڳمڳ ڪندڙ قُمقُمن، رنگ برنگي لائٽن سان سجائڻ، ربيع الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي نيڪ عمل ۽ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ ۽ ميلاد شريف جي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ اجر ۽ ثواب جو سبب ۽ مغفرت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. اسان کي به گهرجي ته جڏهن به سنتن ڀري اجتماع يا مدني مذاڪري ۾ حاضريءَ جي سعادت ملي ته باادب انداز ۾ توجھ سان ٻڌڻ جي عادت بڻايون. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿا:  جيئن

خليفهءِ مفتيءِ اعظم هند، محدثِ اعظم حجاز حضرت شيخ سيد محمد بن علوي مالڪيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: منهنجي والد حضرت سَيد عباس مالڪيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻڌايو: آئون بيتُ المقدس ۾ ٻارهين شريف جي رات محفلِ ميلاد ۾ شريڪ هئس، مون ڏٺو ته هڪ پوڙهو شخص ابتداء کان وٺي آخر تائين انتهائي