Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ته هر شيء تي مٽي ئي مٽي هئي، ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڪا وڏي عرصي کان مسجد بند هجي، اسان گڏجي صفائي ڪئي، نمازِ عصر کان بعد علائقائي دوري جي لاءِ راند جي ميدان ۾ پهتاسين ۽ راند ۾ مشغول نوجوانن کي نيڪي جي دعوت ڏني۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! ڪيئي نوجوان هٿوهٿ اسان سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويا، مسجد ۾ اچي اسان سان گڏ نماز پڙھڻ ۽ سنّتن ڀريو بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، مسجد کي آباد ڪرڻ جي نيت ڪري ورتي. اهو منظر ڏسي اُتي موجود هڪ بزرگ روئڻهارڪو ٿي چوڻ لڳو، مان ته هنن ماڻهن کي مسجد آباد ڪرڻ جو چوندو رهندو هيس، پر منهنجي ٻڌندو ڪير نه هو؟ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! اڄ عاشقانِ رسول جي مدني قافلي ۽ علائقائي دوري جي برڪت سان اسان جي مسجد آباد ٿي وئي۔

نہ ’’نیکی کی دعوت‘‘ میں سُستی ہو مُجھ سے                        بنا شائقِ قافِلہ یاالٰہی

                                                                          (وسائلِ بخشش مرمّم،ص۱۰۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ربيع الاول جي فضيلتن ۽ برڪتن، هن مقدّس مهيني ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عملن بابت ٻڌي رهيا هئاسين، اسان جا بزرگ سڳورا تمام وڏي ادب ۽ احترام، عبادت ۽ رياضت ۽ اهتمام سان هن مبارڪ ۽ مقدّس مهيني کي گذاريندا هئا، هن مبارڪ مهيني ۾ خصوصيت سان نبي ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ميلادشريف ملهائيندا هئا، خوب صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، غريبن، تنگدستن ۽ لاچارن جي مدد ڪندا هئا، اچو! ميلادشريف ملهائڻ جو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

ربيع الاول ۽ اربل جو بادشاه

  اِربِل جو بادشاھ جن جو نالو ابُو سعيد مظفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هو، اهو عظيم فاتح سلطان صلاح الدين ايوبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڀيڻويو هو، اهو بادشاھ ڏاڍو سخي، نيڪ