Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

عاشقانِ رسول هن مبارڪ مهيني کي ماھِ ميلاد جي نالي سان به ياد ڪندا آهن، ڇوته اها پاڪ ذات جن کي الله ڪريم تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، جن جي خاطر ڪائنات کي سجايو ويو، اهو عظمتن وارو نبي، خاتَمُ النّبيينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهيء مبارڪ مهيني ۾ دنيا ۾ تشريف فرما ٿيا، هن مهيني کي سڀئي فضيلتون، سعادتون ۽ برڪتون نبي ڪريم، رؤف رحيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت جي صدقي نصيب ٿيون، انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان ۾ اسان ان مبارڪ مهيني جون فضيلتون ۽ برڪتون، بزرگ سڳورن جي ميلاد ملهائڻ جا واقعا، هن مهيني ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عمل ۽ اسان کي هن مهيني کي ڪهڙي انداز ۾ گذارڻ گھرجي؟ هن بابت نڪتا پڻ ٻڌنداسين، الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ربيعُ الاول جي مهيني کي ايتريون فضيلتون ڇو مليون، حضرت امام زڪريا بن محمد بن محمود قزويني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ الله پاڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وجودِ مَسعود جي صدقي دنيا وارن تي ڀلائين ۽ سعادتن جا دروازا کولي ڇڏيا آهن، انهيء مهيني جي ٻارهين تاريخ جو رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي۔ (عجائب المخلوقات، ص۶۸)

ربیعِ پاک تجھ پر اہلسنّت کیوں نہ قرباں ہوں

کہ   تیری   بارہویں  تاریخ   وہ   جانِ   قمر   آیا

                                                                   (قبالۂ بخشش،ص۳۷)

”رَبيعُ الاوّل“ چوڻ جو سبب

           پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً جيڪا سعادت ربيع الاول جي حصي ۾ آئي آهي اها ٻي ڪنهن مهيني کي نصيب ناهي ٿي۔ ربيع الاول جي معنيٰ ڇا آهي،