Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

۽ ٻيو گھڻو ڪجھ ڪورس ۾ شاملِ نصاب آهي، ان جي مدت 30 ڏينهن آهي۔

هنن ڪورسز کان علاوه وڌيڪ هي ڪورس به ڪرايا ويندا آهن:مثلاً

٭ فيضانِ فرض علوم ڪورس ٭ تجهيزو تڪفين ڪورس٭ فيضانِ رمضان ڪورس ٭ فيضانِ زڪوٰة ڪورس ٭ فيضانِ تصوف ڪورس ٭ عربي گرائمر ڪورس ٭ فيضانِ شمائلِ مصطفي ڪورس ٭ احڪامِ قرباني ڪورس وغيره، ياد رهي هنن مان اڪثر ڪورسز جي درجي جو دورانيو روزانو 30 منٽ ۽ ڪجھ جو 1 ڪلاڪ آهي۔ علمِ دين جا خواهش مند عاشقانِ رسول جي لاءِ هنن ڪورسز جي ذريعي علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊيپارٽمنٽ (Department) جي آپشن (Option) ۾ وڃي مدرسة المدينه آن لائن تان ان جو داخله (Admission)فارم ڀريو ۽ علمِ دين جو خزانو حاصل ڪريو۔

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                            اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مچی ہو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                  جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

هلڻ جون سُنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته شَيخِ طَرِيقَت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”163 مَدَني گل“ مان هلڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: ٭ سيپاري 15