Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

رضا ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ، رحمتِ الٰهي جو حقدار بڻجڻ، بارگاھ مصطفٰي ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪرڻ جي نيت سان هن مهيني جي پهرين تاريخ کان ٻارهين تاريخ تائين 12 نفلي روزا رکو، خاص ڪري ٻارهين جو ته روزو رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو، ڇوته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر سومر شريف جو روزو رکي پنهنجو يومِ ولادت ملهائيندا هئا۔

  حضرت اَبُو قَتَادَه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سومر جي روزي جي باري ۾ پڇيو ويو ته ارشاد فرمايائون: انهيء ڏينهن منهنجي وِلادت ٿي ۽ انهيء ڏينهن مون تي وَحي نازِل ٿي۔ (مسلم،ڪتاب الصيام،باب استحباب صيام ثلاثة۔۔۔الخ،ص۴۵۵،حديث:۲۷۵۰)

  اي عاشقان ِرسول! يقيناً هڪ سچي عاشقِ رسول جي سڃاڻپ اها هوندي آهي جو اهو دنيا جي مَحَبَّت کان پيڇو ڇڏائي پنهنجي زندگي جي هر هر معاملي ۾ اِطاعتِ رسول کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيندو آهي، ان جو هڪ مثال اميرِ اهلسنَّت، حَضرتِ علّامه مَولَانا محمدالياس عطّار قادري دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي مبارڪ ذات به آهي، پاڻ دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ٻارهين شريف ۽ خاص ڪري هر سومر شريف جو روزو رکندا آهن ۽ پنهنجي مُريدن ۽ مُحِبّن کي به هر سومر شريف جو روزو رکڻ جي ڀرپُور ترغيب ڏياريندا آهن۔ تنهڪري اسان کي گھرجي ته يادِ مصطَفٰي ۾ نه صرف پاڻ بلڪ پنهنجي گھروارن ۽ دوست رشتيدارن کي به ٻارهين شريف جو روزو رکڻ جي دعوت ڏيون ۽ ربِّ ڪريم جي هن عظيم نعمت جو شڪر ادا ڪريون ۽ بارگاھِ مصطفٰي ۾ ايصالِ ثواب پيش ڪري دنيا ۽ آخرت جي برڪتن جا حقدار بڻجون۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪثرت سان ذڪرِ حبيب ڪريو

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نبي ڪريم،رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت اسان جي ايمان جو بنياد آهي ۽ محبت جي هڪ نشاني اها آهي ته محبوب جو