Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ڪثرت سان ذڪر ڪيو وڃي، روايت ۾ آهي: ”مَنْ اَحَبَّ شَيئًا اَڪثَرَ مِنْ ذِڪرِه“ يعني جيڪو ڪنهن سان محبت ڪندو آهي ان جو ڪثرت سان ذڪر ڪندو آهي۔ (جامع صغير، ص۵۰۷،حديث:۸۳۱۲)

                                                ائين ته اسان کي سڄو سال ئي آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ خير ڪرڻ ۽ پنهنجي قول ۽ فعل جي ذريعي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت جو اظهار ڪرڻ گھرجي، پر خاص ڪري هي سلسلو هنن ڏينهن ۾ وڌيڪ هئڻ گهرجي ۽ ان ذڪر جو بهترين ذريعو نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درودِ پاڪ پڙھڻ به آهي۔ ڇوته درودِپاڪ پڙھڻ جون بي شمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن، مثال طور درودِ پاڪ جي برڪت سان دلين جي صفائي ٿيندي آهي۔ درودِ پاڪ جي برڪت سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ درودِ پاڪ جي برڪت سان پل صراط تي آساني نصيب ٿيندي۔ درودِ پاڪ جي برڪت سان آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت نصيب ٿيندي۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته هن بابرڪت مهيني ۾ درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪريون۔ اچو! گڏجي دعا ڪريون ٿا:

بچیں  بے کار باتوں سے  پڑھیں اے  کاش کثرت سے          ترے محبوب پر ہر دم درودِ پاک  ہم مولیٰ

(وسائلِ بخشش مرمّم،

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نفلن جي ڪثرت ڪريو

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ربيع الاول ۾ ڪيا ويندڙ نيڪ عملن جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، ربيع الاول ۾ الله پاڪ ۽ ان جي محبوب جو قرب ماڻڻ وارا عمل ڪريون، هن جو هڪ بهترين ذريعو نفلن جي ڪثرت به آهي، ان ڪري اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم فرائض ۽ واجبات سان گڏوگڏ نفلن جي به ڪثرت ڪندا هئا۔ اچو! ربيع الاول ۽ خاص ڪري ٻارهين شريف جي ڪجھ نفلن جي باري ۾ ٻڌون ٿا: جيئن