Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

۾ گذارڻ جي لاءِ اڄ ئي عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم علائقائي دورو به آهي، هن مدني ڪم جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور علائقائي دوري“ جي برڪت سان مسجد آباد رهندي آهي، علائقائي دوري جي برڪت سان علائقي ۾ مدني ڪم ڦهلجي ٿو، ”علائقي دوري“ جي برڪت سان نوان نوان اسلامي ڀائر مدني ماحول جي ويجھو ٿيندا آهن، علائقائي دوري“ جي برڪت سان ڪجھ بي نمازين کي نمازي بنائڻ جي سعادت نصيب ٿي سگھي ٿي۔ ”علائقائي دوري“ جي برڪت سان اميرِ اهلسنت جي دعائن مان حصو ملندو آهي۔ ”علائقائي دوري“ جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي۔

12 مدني ڪمن مان هفتيوار مدني ڪم ”علائقائي دوري“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”علائقائي دوري“ جو مطالعو ڪريو، تمام ذِميدارانِ دعوتِ اسلامي، خاص ڪري مجلسن جا نگران ۽ ارڪان ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔ هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو شرعي حڪم ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ جون 13 فضيلتون ۽ فائدا ٭ فروغِ علم جو سبب ٭ مسجدن جي رونق جو سبب ٭ نيڪي جي دعوت کان پهريان جي دعا ٭ علائقائي دوري جا مدني گل ٭ علائقائي دوري جو طريقو ٭ علائقائي دوري جا آداب ٭ علائقائي دوري بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا چونڊ مدني گل وغيره۔

اچو! ترغيب لاءِ ”علائقائي دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

مسجد آباد ٿي وئي

    ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته اسان جو مدني قافلو پنجاب جي ڪنهن شهر جي مسجد ۾ پهتو۔ دروازي تي تالو لڳل هو، دروازو کوليو