Book Name:Hmesha Sach Bolye
ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
ايندڙهفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: امام اعظم جي ذهانت جا واقعا۔‘‘ جنهن ۾ امامِ اعظم، فقيهِ افخم، ڪروڙين حنفين جي پيشوا حضرت سيدنا امام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حيرت انگيز ذهانت جا مختلف واقعا بيان ڪيا ويندا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد