Book Name:Hmesha Sach Bolye

ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڦَڏو ڪرڻ جهڙين بُرين عادتن ۾ گِرِفتار هو۔ خُوش قسمتي سان هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش تي ان رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل ڪئي۔ هڪ ڀيري انهيء مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه(باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيو هو، جيڪو سفيد لِباس، چهري تي هڪ مُشت ڏاڙھي ۽ مٿي تي عِمامي شريف جو تاج سجايل هو، مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر                             گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                                  گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ                                               تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

                                                                                         (وَسائلِ بخشش مرمم،ص۶۴۸)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هر عمل جو ردِّ عمل آهي

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هميشه سچ ڳالهائڻ جي باري ۾ ٻُڌي رهيا هئاسين۔ هر عمل جو ردِّ عمل هوندو آهي، سچ جيئن ته هڪ نيڪ عمل ۽ سٺو ڪم آهي ان ڪري ان جو ردِ عمل (Reaction) به بهترين هوندو آهي۔ حديث سڳورين ۾ سچيون ڳالهيون سيکارڻ واري آقا، سڌي واٽ هلائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچ ڳالهائڻ جون ترغيبون ارشاد فرمايون آهن۔ اچو! سچ ڳالهائڻ جي ترغيب بابت ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿا: