Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

انهن جي دلين ۾ سمايل هوندو آهي۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جيڪي ٻين جي رِضا جي لاءِ نه بلڪ صرف ۽ صرف رِضاءِ الٰهي جي لاءِ ڪم ڪندا آهن۔ ٭ الله وارا اهي ئي هوندا آهن جن جي نظر دنيا تي نه بلڪ دنيا بنائڻ واري تي هوندي آهي۔

 اي ڪاش! جو اسان به الله وارن جي نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! جو اسان به دنيا جي لاءِ نه بلڪه پنهنجي خالقِ حقيقي جي رِضا جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش! جو اسان به مخلوق جي بدران شريعت جي اِتباع ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

سٺي ڳالهائڻ جي اهميت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سچ ڳالهائڻ جي باري ۾ بيان ٻُڌِي رهيا آهيون۔ هن ۾ شڪ ناهي ته الله پاڪ اِنسان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي، انهن مان هڪ عظيم نعمت ”زَبان“ به آهي، زَبان بظاهر گوشت جي هڪ ننڍي ٻوٽي آهي، پر رب تعالي جي عظيمُ الشَّان نعمت آهي۔ زَبان جو دُرُست اِستِعمال جنَّت ۽ غَلَط استِعمال جهنَّم ۾ داخل ڪري سگھي ٿو۔ جيڪڏهن ڪو پنهنجي زبان جو دُرُست اِستعمال ڪندي صدقِ دل (يعني سچي دل) سان ڪلمو شريف پڙهي وٺي ته ان جي لاءِ جنَّت واجب ٿي ويندي آهي جيئن ته نور واري آقا، دِلين کي جڳمڳائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَنْ قَالَ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا اللہُ دَخَلَ الْجَنَّۃَ وَ وَجَبَتْ لَہ الْجَنَّۃُ جنهن لَاۤ اِلٰه اِلَّا الله چيو اهو جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي۔ (مستدرڪ للحاڪم، ڪتاب التو بة والانابة،باب من قال لا الٰه ..الخ، ۵/۳۵۶، حديث:۷۷۱۳)

۽ جيڪڏهن اها ئي زَبان مَعَاذَالله (الله جي پناھ)، الله پاڪ جي نافرماني ۾ استعمال ٿي ته تمام وڏي آفت جو سبب بڻجي سگھي ٿي جيئن ته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  آهي: اِنسان جون اڪثر خطائون ان جي زَبان سان ٿينديون آهن۔ (شعب الايمان،باب في حفظ اللسان،۴ /۲۴۰، حديث:۴۹۳۳ )