Book Name:Hmesha Sach Bolye
تنهنڪري عقل مند اهو ئي آهي جيڪو زبان جو چڱي طرح استعمال ڪري ۽ ان کي بُري استعمال کان بچائي، پنهنجي زبان کي فضول گوئي کان بچائي، ڪنهن کي گار ڏيڻ کان بچائي، ڪنهن جي دِل آزاري کان بچائي۔ زبان جو سٺو استعمال ڪيترو فائدي مند آهي جڏهن ته ان جو بُرو استعمال ڪيترو نقصان ده ٿي سگھي ٿو، اچو هن باري ۾ هڪ دلچسپ فرضي حڪايت ٻڌون ٿا:
ٻه پوڙهيون پاڻ ۾ پاڙيسري (Neighbour) هيون، هڪ زبان جي تمام سٺي هئي جڏهن ته ٻي وڏي بدزبان هئي۔ اها پوڙهي جيڪا زبان جي گھڻي سٺي هئي، هڪ ڏينهن جھنگ ۾ هڪ وڻ جي هيٺيان ويهي رهي۔ اتفاق سان اونهاري، سياري ۽ برسات جي موسمن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو، سيارو چوندو هو ته مان سڀني موسمن کان ڀلو آهيان، اونهاري جي دعويٰ هئي ته تمام موسمن ۾ منهنجو ڪوئي مٽ ناهي، جڏهن ته برسات جي موسم جو چوڻ هو ته مون کان سٺو ٻيو ڪو موسم نه آهي۔ پاڻ ۾ انهن طئي ڪيو ته ڪنهن انسان کان فيصلو ڪرايون ٿا۔ اهي ٽئي ان جهنگ ۾ هلڻ لڳا، اچانڪ سامهون اها پوڙهي ويٺل نظر آئي، ٽنهين اتفاق ڪيو ته انهيء کان پڇا ڪيون ٿا۔ سڀ کان پهريان سياري جي مُند ان پوڙهي وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: امڙ سائڻ اهو ٻڌايو ته سياري جي مُند ڪيئن آهي؟ پوڙهيءَ چيو: سياري جي مُند جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، جڏهن ايندي آهي ته هر پاسي رونق اچي ويندي آهي، ڪٿي برف جون سفيد چادرون ڇانئجي وينديون آهن، ته ڪٿي گھرن ۾ چُلها ٻاريا ويندا آهن، گرما گرم چانھ ۽ ڪَافِي جا مزا هوندا آهن، طرح طرح جا ميوا گھر ايندا آهن، اخروٽ ۽ کاڄا گھرايا ويندا آهن، سڀ مزي سان کائيندا آهن، مطلب ته! سياري جي ڇا ڳالھ ڪجي!! سياري جي مُند اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پوڙهيءَ کي انعام ۾ هڪ هزار اشرفين (سون جي سِڪن) جي ٿيلهي ڏني۔ پوءِ اونهاري جو موسم پوڙهيءَ وٽ اچي چوڻ لڳو: پوڙهي امان!