Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

آهي، اهڙيون ڪجھ حديث سڳوريون به ٻڌنداسين۔ سچ ڳالهائڻ جي برڪتن بابت ڪجھ حڪايتون به بيان ڪيون وينديون۔ سچ جي اُبتڙ ڪوڙ آهي ۽ ڪوڙ ڪيترو هلاڪ ڪندڙ آهي ان جون ڪجھ تباهيون به بيان ڪيون وينديون۔ ضمناً ڪيئي مدني گل به بيان ڪيا ويندا۔ ڪاش جو اسان مڪمل بيان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

      اچو! سڀ کان پهريان سچ جي برڪت تي هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

سچو ٻڪرار

      حضرت نافع رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا پنهنجي ڪجھ ساٿين سان گڏ هڪ سفر ۾ هئا، واٽ تي هڪ جڳھ تي ترسي پيا ۽ کائڻ جي لاءِ دسترخوان وڇايو ويو، ايتري ۾ هڪ ٻڪرار (يعني ٻڪريون چارڻ وارو) اتي آيو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن ان کي فرمايو اچو! کاڌو کائو، عرض ڪيائين: منهنجو روزو آهي، حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جن فرمايو: ڇا توهان هن سخت گرمي جي ڏينهن ۾ (نفل) روزو رکيو آهي ۽ توهان ته جبل تي ٻڪريون به چاري رهيا آهيو، ان چيو: الله جو قسم! مان اهو انهيءَ لاءِ ڪري رهيو آهيان جو زندگي جي گذريل ڏينهن جي تلافي (يعني بدلو ادا) ڪري وٺان، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ان جي پرهيزگاري جو امتحان وٺڻ جي ارادي سان فرمايائون: ڇا تون پنهنجي ٻڪرين مان اسان کي هڪ ٻڪري وڪڻندين؟ ان جي قيمت ۽ گوشت توهان کي به ڏينداسين ته جيئن توهان انهيءَ سان روزو افطار به ڪري سگھو، ان جواب ڏنو: اهي ٻڪريون منهنجون نه آهن، منهنجي مالڪ جون آهن، حضرت عبداللهرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن ان کي آزمائڻ جي لاءِ فرمايو: مالڪ کي چئجو ته انهن مان هڪ بگھڙ (Wolf) کڻي ويو، غلام چيو: ته پوءِ الله ڪٿي آهي؟ (يعني الله ته ڏسي رهيو آهي، اهو حقيقت کي ڄاڻي ٿو ۽ انهيءَ سبب منهنجي پڪڙ ڪندو) جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مديني واپس موٽيا ته ان جي مالڪ کان غلام ۽ سموريون ٻڪريون