Book Name:Mah e Milad Mananay Walon kay Waqiyat

۽ انهن مون کي ٻڌايو ته الله عَزَّوَجَلَّ توهان جي ڪري ملائڪن تي فخر ڪري رهيو آهي۔            (نسائي،ص۸۶۱، حديث : ۵۴۳۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديث شريف کان پوءِ حڪيمُ الاُمَّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: معلوم ٿيو ته اسلام ۽ حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جي شڪريي جي لاءِ مجلسون ڪرڻ، حلقو بڻائي ويهڻ سُنَّتِ صحابه آهي، اها حديث مجلسِ ميلاد شريف جي اصل آهي۔ (مراٰۃ، ۳/۳۲۱) ياد رهي ته اهلسنَّت جي مذهب ۾ مجلسِ ميلادِ پاڪ افضل ترين مُستحبات ۽ اعليٰ ترين مُستَحسَنات (نيڪ ڪمن) مان آهي۔ (الحق المبين ۱۰۰)

صَدرُ الشَّريعَه، بَدرُ الطَّريقَه حضرت عَلّامه مولانا مُفتي محمد اَمجَد علي اَعظمي رَحْمَةُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مِيلاد شَرِيف يعني حُضُورِ اَقدَس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادَتِ اَقدَس جو بَيان جائز آهي۔ ان ضِمن ۾ ان مَجلِس پاڪ ۾ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا فَضَائِل ۽ مُعجزا، خَصلتون ۽ حالات، حَيات ۽  رَضاعَت ۽ بِعثَت جا واقِعا به بَيان ٿيندا آهن، انهن شين جو ذِڪر حديثن ۾ به آهي ۽ قُرآن مجيد ۾ به۔ جيڪڏهن مُسلمان پنهنجي مَحفِلن ۾ بَيان ڪن بلڪ خاص انهن ڳالهين کي بيان ڪرڻ جي لاءِ مَحفِل مُنعَقِد ڪن ته ان جي ناجائز هئڻ جو ڪو سبب ناهي۔ ان مَجلِس جي لاءِ ماڻهن کي سڏڻ ۽ شَريڪ ڪرڻ خَير جي طَرف سڏڻ آهي، جهڙي طرح وَعظ ۽ جَلسن جا اِعلان ڪيا ويندا آهن، اِشتِهار ڇپائي ورهايا ويندا آهن، اَخبَارن ۾ ان جي باري ۾ مضمون شائِع ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي ڪري اهي وَعظ ۽ جَلسا ناجائز نٿا ٿين، اهڙي طَرح ذِڪرِ پاڪ جي لاءِ دعوت ڏيڻ سان ان مَجلِس کي ناجائز ۽ بِدعَت نٿو چئجي سگھي۔

 (بهار شريعت جلد سوم ص۶۴۴۔ ۶۴۵)