Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

فرمائيندو آهي۔ جيئن ته سيپاري 2 سُوۡرَۃُ الۡبَقَرۃ جي آيت 222 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ التَّوَّابِیۡنَ
 وَ یُحِبُّ الۡمُتَطَہِّرِیۡنَ ﴿۲۲۲﴾

 (پ ۲، البقرہ :۲۲۲)

 

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ اللہ توبھ ڪندڙن کي گھڻو پسند ڪري ٿو ۽ پاڪائي ڪندڙن کي پسند فرمائي ٿو۔

میں کر کے توبھ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں

حقیقی توبھ کا کر دے شرف عطا یا رب

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حضرت سَيدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته سيدُ المبلغين، رَحۡمَة لِّلۡعٰلَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: '' گُناھ کان توبھ ڪرڻ وارو ائين آهي، ڄڻ ته ان گُناھ ڪيو ئي نه ۽ جڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ ڪنهن ٻانهي سان مَحَبَّت ڪندو آهي، ته ان کي ڪو گُناھ نُقۡصان ناهي ڏيندو۔

 (فردوس الاخبار للدیلمی ،باب التاء ،الحدیث۲۲۵۱،ج۱،ص۳۰۸)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته توبھ ڪرڻ به اللہ عَزَّوَجَلَّ جو پسنديدہ ۽ محبوب ڪم آهي، تنهنڪري اسان کي به پنهنجي صغيرہ ۽ ڪبيرہ گُناہن کان توبھ ڪندي رہڻ گھرجي، بِالخُصُوص جڏهن رات جو سمهڻ جي لاءِ بستر تي اچون، ته پوري ڏينهن جي مُعامَلات کي ياد ڪندي فڪرِمدينه (يعني غور ۽ فِڪر) ڪريون۔

        شيخِ طريقت، اميراہلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامہ مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي عطا ڪيل، 72 مدني