Durood Pak Parhna

Book Name:Durood Pak Parhna

آهي. * درود شريف پڙهڻ درجات جي بلنديءَ جو سبب آهي. * درود شريف پڙهڻ گناهن جو ڪفارو آهي. * درود شريف پڙهڻ عملن کي پاڪ ڪري ٿو. * درود شريف پڙهڻ شفاعت واجب ڪري ٿو. * درود شريف پڙهڻ الله پاڪ جي رضا جو سبب آهي. * درود شريف پڙهڻ قيامت جي اُڃ کان محفوظ رکندو. * درود شريف پڙهڻ پل صراط جو نور آهي. * درود شريف پڙهڻ نزع جي سختي کان محفوظ رکندو. * درود شريف پڙهڻ مجلس جي زينت آهي. * درود شريف پڙهڻ پريشانين کان نجات، ڏک ۽ مصيبتون دور ڪرڻ ۽ رزق ۾ برڪت جو ذريعو آهي. * ڪثرت سان درود شريف پڙهڻ قيامت جي ڏينهن قرب مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذريعو آهي. * درود شريف پڙهڻ دل کي پاڪ ڪري ٿو. * درود شريف پڙهڻ دعائن جي قبوليت جو ذريعو آهي. * درود شريف پڙهڻ عشق رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ واڌاري جو سبب آهي. * درود شريف پڙهڻ هر ڀلائي حاصل ڪرڻ، هر برائي دور ڪرڻ جو ذريعو آهي. * درود شريف پڙهڻ واري سان ملائڪ محبت ڪندا آهن. * درود شريف پڙهڻ واري سان قيامت جي ڏينهن حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مصافحو فرمائيندا (يعني هٿ ملائيندا). * درود شريف پڙهڻ واري لاءِ ملائڪ رحمت جون دعائون ڪندا آهن. * درود شريف پڙهڻ واري کي هڪ قيراط اجر ملندو آهي ۽ قيراط احد جبل جيترو آهي. * درود شريف پڙهڻ وارو مرڻ کان اڳ جنت ۾ پنهنجو مقام ڏسي وٺندو. * درود شريف پڙهڻ وارو قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ ۾ هوندو. * درود شريف پڙهڻ وارو پل صراط تان آساني ۽ تيزيءَ سان گذرندو. * درود شريف پڙهڻ اهل سنت جي نشاني آهي. ([1])

 درود پاڪ نه پڙهڻ جا نقصان

*  درود نه پڙهڻ محرومي آهي، حديث پاڪ  ۾ آهي: جيڪو درود پڙهڻ وساري


 

 



[1]...آب کوثر، صفحہ:8تا14ملخصاً ۔