Book Name:Durood Pak Parhna
لکو ڇوته بعض علماءِ ڪرام جي نزديڪ اهو به واجب آهي. ([1]) (7): درودِ پاڪ جي جاءِ تي صلعم يا صرف ننڍو صاد لکي ڇڏڻ سخت ناجائز ۽ حرام آهي. ([2]) (8): انگريزي ۾ اسمِ گرامي سان گڏ درود و سلام جي جاءِ تي peace be upon him لکندا آهن، ان جي عادت نه بڻائڻ گهرجي، ڇو ته اهي لفظ درود شريف جي وسيع مفهوم کي ادا نٿا ڪري سگهن، البته امن و سلامتي جي معنيٰ تي مشتمل هجڻ جي ڪري سلام جي قائم مقام ٿي سگهن ٿا، بعض ماڻهوpeace be upon him جي جاءِ تي مختصر انداز ۾ P.B.U.H لکندا آهن، اهو به ناجائز ۽ حرام آهي. ([3])
درود شريف پڙهڻ جا ڪجھ آداب: * سڀ کان افضل درود، درود ابراهيمي (يعني نماز وارو درود پاڪ) آهي. * بهتر اهو آهي ته تعداد مقرر (Fix) ڪري وٺي ۽ روزانو مقرر وقت تي، باوضو، ادب سان ٻه زانو ويهي، مديني طيبه ڏانهن منهن ڪري درود شريف پڙهي. * گهٽ ۾ گهٽ 100 ڀيرا پڙهڻ گهرجي، ان کان وڌيڪ جيترو نڀائي سگهي. * اٿندي، ويهندي، هلندي ڦرندي، باوضو، بي وضو هر حالت ۾ درود شريف پڙهي سگهجي ٿو (ها! جيڪڏهن ليٽي پڙهو ته پير ڊگهيڙي وٺو). * بهتر اهو آهي ته هڪ خاص صيغي جا پابند نه ٿيو بلڪه بدلائي بدلائي درود شريف پڙهو ته جيئن يڪسوئي قائم رهي. ([4])
* درود شريف پڙهڻ عبادت آهي. * درود شريف پڙهڻ سڀني نفلي عبادتن ۾ افضل آهي. * درود شريف پڙهڻ الله پاڪ جون رحمتون نازل ٿيڻ جو سبب