Book Name:Durood Pak Parhna
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل درود پاڪ پڙهڻ جي عنوان تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ غيبت کان بچڻ جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ قيراط اجر لکندو آهي ۽ قيراط اُحد جبل جيترو آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
نيڪ عمل نمبر 8: ڇا اڄ توهان گهٽ ۾ گهٽ 313 ڀيرا درود شريف پڙهيو؟([2])
الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّ اللّٰهَ وَ مَلٰٓىٕكَتَهٗ یُصَلُّوْنَ عَلَى النَّبِیِّؕ-یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶)
(سيپارو؛ 22، الاحزاب: 56)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ نبي تي درود موڪلن ٿا. اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو.