Durood Pak Parhna

Book Name:Durood Pak Parhna

جي سبب گنهگار ٿيندو. ([1]) (2): اهو ضروري ناهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نالو مبارڪ وٺي يا ٻڌي تڏهن ئي درود پڙهڻ واجب آهي بلڪه هر اهو لفظ جيڪو اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ پاڪ تي دلالت ڪري (مثلاً اوهان، حضور، رسولِ هاشمي وغيره)، ان سان گڏ به درود شريف پڙهڻ واجب آهي. ([2]) (3): مختلف جلسن ۾ (مثلاً: هڪ جاءِ تي ويٺا هئا، ذڪرِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿيو، پوءِ اٿي ٻي جاءِ تي هليا ويا، پوءِ ذڪرِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿيو ته) هر ڀيري درود شريف پڙهڻ واجب آهي، نه پڙهندو ته گنهگار ٿيندو. ([3]) (4): البته هڪ ئي مجلس ۾ بار بار ذڪرِ مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿئي ته ان حوالي سان علماءِ ڪرام جو اختلاف آهي، ڪجهه علماءِ ڪرام چون ٿا: هڪ ئي جلسي ۾ چاهي هزار ڀيرا ذڪرِ پاڪ ٿئي، هر ڀيري درود شريف پڙهڻ واجب آهي، جيڪڏهن هڪ ڀيرو به ڇڏيو ته گنهگار ٿيندو، جڏهن ته انهن کان علاوه ٻيا علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هڪ ئي جلسي ۾ بار بار ذڪرِ پاڪ ٿئي ته هڪ ڀيرو درود شريف پڙهڻ واجب آهي ۽ هر ڀيري پڙهڻ مستحب آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مناسب اهو ئي آهي ته هر ڀيري درود شريف پڙهندو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهڙي شيءِ جنهن جي ڪرڻ ۾ وڏيون وڏيون رحمتون، برڪتون آهن ۽ نه ڪرڻ ۾ بلاشبه وڏي فضل کان محرومي آهي، ته ڪنهن به عقل مند جو ڪم ناهي ته ان کي ترڪ ڪري. ([4])   (5): جمعي ۽ عيدين جي خطبي دوران ذڪرِ پاڪ ٻڌو ته صرف دل ۾ درود شريف پڙهو، زبان سان پڙهڻ جائز ناهي ڇو ته ان وقت خاموش رهڻ فرض آهي. ([5]) (6): ڪجهه لکندي تحرير ۾ ذڪرِ پاڪ هجي ته ان سان گڏ به درودِ پاڪ لازمي


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ ،جلد:6،صفحہ:222 ،ماخوذاً۔

[2]...فتاوی اہلسنت ،ریفرینس نمبر:9649Nor,۔

[3]...فتاویٰ رضویہ ،جلد:6،صفحہ:222 بتغیر قلیل۔

[4]...فتاوی رضویہ ،جلد:6،صفحہ:222،223 ملخصاً۔

[5]...فتاوی رضویہ ، جلد:8،صفحہ : 365 بتغیر قلیل ۔