Durood Pak Parhna

Book Name:Durood Pak Parhna

هن کي آيتِ درود پڻ چيو ويندو آهي. عالم سڳورا فرمائن ٿا: قرآنِ ڪريم گھڻائي حڪم ٻڌايا پر ڪنهن به جاءِ تي اهو نه فرمايو ته هي ڪم اسان به ڪندا آهيون، اسان جا ملائڪ پڻ ڪندا آهن، اي مسلمانو! اوها به ڪريو...!! صرف درودِ پاڪ جي لاءِ هن طرح فرمايو. ([1]) خيال رهي! الله پاڪ جي درود موڪلڻ جو مطلب آهي: رحمت نازل فرمائڻ. ملائڪن جو درود آهي: اهڙي دعا ڪرڻ جيڪا رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان جي لائق هجي. ([2]) ۽ ايمان وارن جو درود آهي دعاءِ رحمت ڪرڻ. ([3])   

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهو، بيشڪ اوهان جو مون تي درود پاڪ پڙهڻ اوهان جي گناهن لاءِ بخشش آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 313 ڀيرا درود پاڪ پڙهندو آهي ته علماءِ ڪرام جي فرمان مطابق اهو گهڻائيءَ سان درود پڙهڻ وارن ۾ شمار ٿيندو. ([4])  

درود پاڪ جي مُتعلق مخلتف احڪام

(1): زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو درود شريف پڙهڻ فرض آهي. ([5]) ۽ جنهن مجلس ۾ به پياري آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ پاڪ پاڻ ڪريو يا ڪنهن کان ٻڌو، ان وقت درود شريف پڙهڻ واجب آهي،([6]) تنهنڪري جيڪو ذڪرِ پاڪ ڪري يا ٻڌي درود شريف نه پڙهي، اهو ترڪِ واجب


 

 



[1]...شان حبیب الرحمٰن، صفحہ:183،بتغیر قلیل ۔

[2]...تفسير الصاوى، پارہ :22، الاحزاب، تحت الآیۃ:56، الجزء الخامس، جلد:3،صفحہ:50ملتقطًا ۔

[3]...تفسير بغوی، پارہ :22، الاحزاب، تحت الآیۃ:56،  جلد:3،صفحہ:582ملتقطًا ۔

[4]...تاريخ مدينۃ دمشق،جلد:61،صفحہ:381۔

[5]... درمختار کتاب الصلاۃ ،باب صفۃ الصلاۃ ،صفحہ:71۔

[6]... بہار شریعت ،جلد:1،صفحہ:533،حصہ: 3ملخصاً۔