Durood Pak Parhna

Book Name:Durood Pak Parhna

پاڪ چاهيو ته استقامت به ملي ئي ويندي. * شروعات ۾ گهٽ تعداد ۾ درود شريف پڙهڻ جي عادت بڻايو! مثال طور: 313 ڀيرا روزانو درود شريف پڙهندا ڪريو! جڏهن اها عادت پڪي ٿي وڃي ته ٿوري تعداد وڌائي ڇڏيو! مثال طور: 500 ڀيرا پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو! ائين ٿوري ٿوري تعداد وڌائيندا رهو، پهرين ئي ڏينهن کان 2 هزار، 5 هزار پڙهڻ شروع ڪندا ته شايد ان تي استقامت ملڻ مشڪل ٿي ويندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! اَڄ اسان نيڪ عمل نمبر: 8 درود پاڪ پڙهڻ جي عنوان تي تمام گهڻي مفيد معلومات حاصل ڪئي. اچو! هن نيڪ عمل کي اپنائيندي روزانو گهٽ ۾ گهٽ 313 ڀيرا درود پاڪ پڙهڻ جي نيت ڪريو! الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

کير پيئڻ جي دعا:

اَللّٰہُمَّ بَارِكْ لَنَا فِیْہِ وَزِدْنَا مِنْہُ

ترجمو: اي الله! اسان جي لاءِ هن ۾ برڪت ڏي ۽ اسان کي هن کان وڌيڪ عنايت فرماءِ. ([1])

 اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)

روزانو 56 نيڪ اعمال:

(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان  پهريان نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙهي يا ٻڌي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي، تسبيحِ فاطمه ۽ سُوْرَۃ الْاِخلاص  پڙهي؟ (6): ڪنزالايمان مان 3 آيتون يا صِراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان


 

 



[1]...ابو داود، كتاب الاشربۃ، صفحہ:590، حديث:3730 ومدنی پنج سورہ، صفحہ:202۔