Book Name:Durood Pak Parhna
ويو، اهو جنّت جو رستو وساري ويو. ([1]) * ذڪرِ مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌي درود نه پڙهڻ وارو خساري (نقصان) ۾ آهي، احاديثِ ڪريمه ۾ ان کي * بدبخت([2]) * سڀ کان وڏو بخيل يعني ڪنجوس([3]) ۽ * جهنّم جو حقدار فرمايو ويو. ([4]) * اهڙو شخص قيامت جي ڏينهن رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت کان محروم رهندو. ([5]) * درود نه پڙهڻ بي برڪتي جو سبب آهي، روايت آهي: جنهن بامقصد ڪم جي ابتدا الله پاڪ جي ذڪر ۽ مون تي درود پڙهڻ سان نه ڪئي وڃي، اهو بي برڪت ۽ خير کان محروم آهي. ([6]) * جنهن مجلس ۾ درود نه پڙهيو وڃي، اها قيامت جي ڏينهن ندامت جو باعث ٿيندي. ([7])
درود پاڪ جي عادت بڻائڻ جي لاءِ
* درود پاڪ پڙهڻ جي فضائل تي مشتمل ڪتاب پڙهو!اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دل ۾ رغبت پيدا ٿيندي ۽ درود شريف پڙهڻ جو ذهن ٺهندو. * روزانو ڪجهه نه ڪجهه درود پاڪ پڙهڻ پنهنجي معمولات جو حصو بڻايو! ان لاءِ درود پاڪ پڙهڻ لاءِ وقت ۽ تعداد مقرر ڪريو! ۽ روزانو ان وقت تي وضو ڪري اهتمام سان درود پاڪ پڙهو. * گهر، دڪان، آفيس وغيره ۾ ڪنهن اهڙي جاءِ تي جتي اڪثر نظر پوي ٿي، اتي درود پاڪ لکي آويزان ڪري ڇڏيو! جڏهن به نظر درود پاڪ تي پوي، درود پاڪ پڙهي وٺو. * نيڪ عملن جو رسالو ڀرڻ جي عادت بڻايو! ان جي برڪت سان به درود پاڪ پڙهڻ جي ترغيب ملندي رهندي، الله
[1]...ابن ماجہ، كتاب اقامۃالصلاة والسنہ فيها، باب الصلاة على النبى...الخ،صفحہ:152، حديث:908۔
[2]...كنز العمال، كتاب الأذكار، الباب السادس فى الصلاة...الخ، الجزء الأول،جلد:1،صفحہ:248، حديث:2154۔
[3]...الترغيب والترهيب، كتاب الذكر والدعاء،الترغيب فى اكثار...الخ، صفحہ:568، حديث:44 ۔
[4]...مجمع الزوائد، كتاب الأدعیۃ، باب فیمن ذكر عنده...الخ،جلد:10،صفحہ:187، حديث:17313۔
[5]...القول البديع، الباب الثالث، صفحہ:156 ۔
[6]...كنز العمال، كتاب الأذكار، الباب فاتحۃ الكتاب، الجزء الاول،جلد:1،صفحہ:279، حديث:2507۔
[7]...سنن كبرى للنسائى، كتاب عمل اليوم واليلۃ، باب من جلس...الخ، جلد:9صفحہ:157، حديث: 10171۔