Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

غور ڪريو! ڇا الله پاڪ پنهنجي دِين کي پکيڙڻ تي قادر نه آهي؟ يقيناً قادر آهي پر ان جي مشيت آهي ته ٻانهن کي فرمائي رهيو آهي ته توهان جيڪڏهن دينِ خدا جي مدد ڪندو ته الله توهان جي مدد ڪندو۔ ياد رهي ته الله پاڪ غني ۽ بي نياز آهي، ان کي نه ٻانهن جي مدد جي حاجت آهي ۽ نه ئي هو پنهنجي دِين جي ترويج ۽ اِشاعت (Propagation) ۽ ان کي غالب ڪرڻ ۾ ٻانهن جي مدد جو محتاج آهي، ايستائين جو ٻانهن کي الله پاڪ جي دِين جي مدد ڪرڻ جو فرمايو ويو هي دراصل انهن جي پنهنجي ئي فائدي جي لاءِ آهي هن صورت ۾ انهن کي الله ڪريم جي مدد حاصل ٿيندي ۽ الله پاڪ جي طرفان انهن کي ثابت قدمي نصيب ٿيندي۔ (صراط الجنان ، ۹/۲۹۹،بتغير قليل)

اهڙي طرح انبياءِ ڪرام به الله پاڪ جي علاوه ٻين کان مدد گھري آهي جيئن ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي حوارين کان مدد طلب فرمائي، جيئن سيپاري 28، سُوْرَۃُ الصَّف، آيت 14 ۾ ارشاد آهي:

قَالَ عِیْسَى ابْنُ مَرْیَمَ لِلْحَوَارِیّٖنَ مَنْ اَنْصَارِیْۤ اِلَى اللّٰهِؕ-قَالَ الْحَوَارِیُّوْنَ نَحْنُ اَنْصَارُ اللّٰهِ. (پ 28، الصف 14)

 ترجموڪنزالايمان: عيسيٰ بن مريم حوارين کي چيو هو، ڪير آهن جيڪي الله جي طرف جا ٿي ڪري منهنجي مدد ڪن؟ حوارين چيو اسان خدا جي دين جا مددگار آهيون.

          حضرتِ سيِّدُنا مُوسيٰ ڪَليم الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي جڏهن تبليغ جي لاءِ فرعون وٽ وڃڻ جو حڪم ٿيو ته پاڻ ٻانهي جي مدد حاصل ڪرڻ جي لاءِ بارگاههِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ۾ عرض ڪيو، جيئن سيپارو 16سوره طٰهٰ، آيت نمبر 29 تا 31  ۾ ارشاد آهي: