Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

شعبو ”مجلس مزاراتِ اولياء“ به آهي، هن مجلس جي ذمي دارن ٻين مدني ڪمن سان گڏوگڏ بزرگانِ دين جي مبارڪ مزارن تي حاضر ٿي ڪري مختلف ديني خدمتون سر انجام ڏيندا آهن. مثال طور حتي المقدور صاحبِ مزار جي عرس جي موقعي تي اجتماعِ ذڪر و نعت جو انعقاد، مزارات سان ملحقه (ويجهو) مسجدن ۾ عاشقانِ رسول جي مدني قافلن جو سفر ڪرائڻ ۽ بالخصوص عُرس جي ڏينهن ۾ مزار شريف جي احاطي ۾ سنتن ڀريو مدني حلقو لڳائڻ، جن ۾ وضو، غسل، تيمم، نماز ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو، مزارات تي حاضري جا آداب ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتون سيکاريون وينديون آهن پڻ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماعن ۽ مدني مذاڪرن ۾ شرڪت، مدني قافلن ۾ سفر ۽ مدني انعامات تي عمل جي ترغيب به ڏياري ويندي آهي، عرس جي ڏينهن ۾ صاحبِ مزار جي خدمت ۾ تمام گهڻو ايصالِ ثواب جا تحفا پيش ڪرڻ پڻ صاحبِ مزار بزرگ جي سجاده نشين، خلفا ۽ مزارات جي متولي صاحبان سان وقتًا فوقتًا ملاقات ڪري انهن کي دعوتِ اسلامي جي خدمات، جامعات المدينه ۽ مدارسُ المدينه ۽ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ٿيڻ واري مدني ڪمن کان آگاهه ڪرڻ وغيره. الله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي کي ڏينهن رات ترقي عطا فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان اوليائن جي سردار حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ ٻڌو ته

٭اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي الله پاڪ وڏو شان عطا ڪيو هو۔

٭اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه الله پاڪ جي عطا سان حاجت ٻڌڻ وارا آهن۔