Al Madad Ya Ghaus e Azam

Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

آهن۔ اهڙي طرح سيپارو 5 سُوْرَۃُ النِّسَاء جي آيت نمبر 64 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴) (پ 5 النساء 64)

 ترجموڪنزالايمان؛ ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ته اي محبوب تنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿين پوءِ الله کان معافي گھرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرمائي ته ضرور الله کي گھڻو توبهه قبول ڪندڙ مهربان لهندا۔

اِمامِ اَهلسنّت، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه هن آيت جي تحت اِرشاد فرمائن ٿا: ڇا الله پاڪ (پنهنجي محبوب جي اُمَّت جي گناهن کي) پنهنجو پاڻ نٿو بخشي سگھي۔ پوءِ اهو ڇو فرمايو ته اي نبي! تون وٽ حاضر ٿين ۽ تُون الله (پاڪ) کان انهن جي بخشش چاهين ته هي دولت ۽ نعمت ماڻيندا۔ (ربّ ڪريم جو گناهگارن کي درِ مُصطَفٰي تي حاضري جو حڪم ڏيڻ ۽ اتي رسول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجو سفارشي بڻائڻ اهو به غَيرُالله کان مدد گھرڻ آهي ۽) اهو ئي اسان جو مطلب آهي۔ جيڪو قرآن جي آيت صاف فرمائي رهي آهي۔ (فتاويٰ رضويه: ۲۱/۳۰۵) 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي علاوه ٻين کان مدد گھرڻ بلڪل جائز آهي بلڪ هي ته انبياءِ ڪرام عَلَيهمُٰ الصَّلَاةُ وَالسَّلَام جي سُنَّت آهي ايستائين جو الله پاڪ به پنهنجي ٻانهن کان مدد گھري آهي، جڏهن ته هو قادرِ مطلق آهي، هرگز هرگز ڪنهن جو محتاج ناهي، اچو! ٻڌو ته الله ڪريم پنهنجن ٻانهن کان ڪن لفظن ۾ دين اسلام جي مدد جو حڪم فرمائي رهيو آهي، جيئن سيپارو 26 سوره محمد آيت نمبر 7 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ یَنْصُرْكُمْ وَ یُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ(۷)

ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله جي دين جي مدد ڪندؤ ته الله توهان جي مدد ڪندو. ۽ الله توهان جا قدم ڄمائيندو.