Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

تنهنڪري مون هيئن فرياد ڪيو: ياشيخ عبدالقادر! منهنجا اُٺ (Camels) گم ٿي ويا آهن. اوچتو ئي اوڀرندي پاسي دڙي تي مون کي سفيد لباس ۾ مَلبوس هڪ بزرگ نظر آيا جيڪي اشاري سان مون کي پنهنجي طرف سڏي رهيا هئا، مان پنهنجي ڌنار کي ساڻ ڪري جيئن ئي اتي پهتس ته اهي بزرگ نگاهن کان غائب ٿي ويا،اسان هيڏانهن هوڏانهن حيرت سان ڏسي ئي رهيا هئاسين ته اوچتو اهي چار ئي گم ٿيل اُٺ دڙي جي هيٺيان ويٺل نظر آيا، بس پوءِ ڇا ٿيو جو! اسان انهن کي فورًا پڪڙي ورتو ۽ پنهنجي قافلي سان وڃي ملياسين.              (بَهجَۃُ الاسرار، ص۱۹۶)

کیوں نہ جاؤں میں غوث پرواری، آفتیں دُورہوگئیں ساری

جب  تڑپ  کر  انہیں پکارا ہے،  واہ  کیا  بات  غوثِ اعظم  کی

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۷۸)

سُلطانِ ولايت       غوثِ پاڪ          وليوں پہ حڪومت   غوثِ پاڪ

شهبازِ خطابت       غوثِ پاڪ          فانوسِ هدايت         غوثِ پاڪ

٭ مرحبا يا غوثِ پاڪ ٭ مرحبا يا غوثِ پاڪ ٭ مرحبا يا غوثِ پاڪ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني درس“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي عقيدي جي حفاظت، فڪرِ آخرت، گناهن کان نفرت ۽ نيڪين جي رغبت جو ذهن ٺاهڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي 12 مدني ڪمن ۾ خُوب حصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدني درس“ به آهي، جيڪو عِلمِ دِين سکڻ سيکارڻ جو نهايت موثر ذريعو آهي۔ ٭ مدني درس نهايت ئي پيارو مدني