Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam
وَ اجْعَلْ لِّیْ وَزِیْرًا مِّنْ اَهْلِیْۙ(۲۹)هٰرُوْنَ اَخِیۙ(۳۰)اشْدُدْ بِهٖۤ اَزْرِیْۙ(۳۱)
(پ 16، طٰهٰ 29 تا 31) ترجموڪنزالايمان: ۽ منهنجي واسطي منهنجي گهروارن مان هڪڙو وزير ڪر يعني منهنجو ڀاءُ هارون، ان سان منهنجي چيلهه مضبوط ڪر.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً هنن آيتن سڳورين کي ٻڌي ان شيطاني وسوسي جي ضرور ڪاٽ ٿي وئي هوندي ڇوته انبياءِ ڪرام به الله ڪريم جي علاوه ٻين کان مدد گھري آهي، جيڪڏهن مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ الله پاڪ جي سِوا ڪنهن کان مدد گھرڻ شرڪ هجي ها ته انبياءِ ڪرامعَلَيهمُٰ الصَّلَاةُ وَالسَّلَام ڪيئن گھرن ها؟ اسان جي بُزرگانِ دِين جو به اهو عقيدو (Belief) هو ته جڏهن ڪنهن پريشاني، آفت، مصيبت، تڪليف ۾ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کي مدد جي لاءِ پڪاريو وڃي ته هو الله جي عطا ڪيل قُوت سان مدد فرمائيندا آهن، اهو ئي سبب هو ته هي ماڻهو مشڪل وقت ۾ ”يا غوث المدد“ چئي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي پڪاريندا ته انهن جي مشڪل حل ٿي ويندي هئي، اچو! هن باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌو،
حضرت بِشر قَرَظِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته مان کنڊ سان سَٿيل چوڏهن اُٺن سميت هڪ تجارتي قافلي سان گڏ هئس، اسان هڪ رات خوفناڪ جهنگ ۾ ترسياسين. رات جي شروعاتي حصي ۾ منهنجا چار سٿيل اُٺ گم ٿي ويا ، جيڪي گهڻي ڳولڻ جي باوجود ڪونه مليا، قافلو به روانو ٿي ويو، ڌنار (يعني اُٺن کي هڪلڻ وارو) مون سان گڏ ترسي پيو. صبح جي وقت مون کي اوچتو ياد آيو ته منهنجي مرشد، سرڪارِ بغداد، حضور غوثِ پاڪ مون کي فرمايو هو: جڏهن به توهان ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿي وڃو ته مون کي پڪارجو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اها مصيبت ٽري ويندي،