Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

پڙھندا آهن ته ان جي بَرَڪت سان جنّت ڪشاده ٿي ويندي آهي۔

                                      (الابريز، الباب الحادي عشر في الجنۃ،باب في زيادۃ الجنۃ…الخ ،۲/۳۳۸)

 جائیں نہ جب تک غُلام خُلد ہے سب پر حرام

مِلک تو ہے آپ کا تم پہ کروڑوں دُرُود

(حدائقِ بخشش،ص۲۶۹)

مختصروضاحت: يعني اي مالڪ جنت پيارا نبي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جو ڇا شان آهي جو جيستائين اوهان جي اُمّت جنّت ۾ نه ويندي ان وقت تائين ڪو به جنّت ۾ داخل نه ٿي سگھندو، جنّت ته اوهان جي ملڪيت آهي ته پوءِ اوهان جي اجازت جي بغير ڪير داخل ٿي سگھي ٿو ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.(المعجم الکبير، سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب!