Book Name:Al Madad Ya Ghaus e Azam

ماريو هو۔ بادشاھ چيائين جنهن نانگ کي تو ماريو هو اهو منهنجو ئي پٽ هو۔ بادشاھ قاضي کي چيو هي شخص قتل جو اقرار ڪري چڪو آهي، تنهنڪري ان جي قتل جو حڪم ڏيو۔ اهو ٻڌندي ئي قاضي به منهنجي قتل جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔ هاڻي جنّات جو بادشاھ تلوار کڻي مون تي وار ڪرڻ ئي وارو هو ته مون دل ئي ۾ محبوبِ سبحاني حضرت سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه کي مدد جي لاءِ پڪاريو ته انهيءَ وقت هڪ نوراني چهري وارو شخص ظاهر ٿيو ۽ بادشاھ کي چوڻ لڳو: هن عالمِ دِين کي قتل نه ڪريو هي سلطانُ الاولياء حضرت سَيدُنا غوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جو مريد آهي جيڪڏهن غوثِ پاڪ ان جي قتل جي باري ۾ تو کان پڇي ورتو ته ڪهڙو جواب ڏيندين؟ جنّات جي بادشاھ سرڪار غوثِ پاڪ جو نالو ٻڌندي ئي تلوار رکي ڇڏي ۽ مون کي چيائين ته جيڪا عزّت ۽ تعظيم غوثِ اعظم جي منهنجي دل ۾ آهي ان جي خاطر مون تنهنجو قصور معاف (Forgive) ڪيو ۽ هاڻي تون هن مقتول جو جنازو پڙهائي ۽ ان جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪر۔ ان کان پوءِ مون کي خلعت (بادشاهه وٽان مليل لباس) پارائي جنن سان گڏ رخصت ڪري ڇڏيو۔     (تفريح الخاطر،۱۰۳)

تھرتھراتے ہیں سبھی جنّات تیرے نام سے

ہے ترا وہ دبدبہ یا غوثِ اعظم دست گیر

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۵۴۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان معلوم ٿيو ته منهنجا آقا، غوثِ اعظم رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه انسانن سان گڏو گڏ جنّات جا به مُرشِد آهن يعني پاڻ سَيدُالثَّقَلَين آهن، ثقلين جي معنٰي آهي انسان ۽ جنّات ۔ جيئن اسان جي آقا مديني واري